Al-Balad

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو. لَا أُقْسِمُ بِهَذَا الْبَلَدِ
2 ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين. وَأَنتَ حِلٌّ بِهَذَا الْبَلَدِ
3 ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو. وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ
4 ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون. لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي كَبَدٍ
5 (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟ أَيَحْسَبُ أَن لَّن يَقْدِرَ عَلَيْهِ أَحَدٌ
6 چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو. يَقُولُ أَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا
7 ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟ أَيَحْسَبُ أَن لَّمْ يَرَهُ أَحَدٌ
8 کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ أَلَمْ نَجْعَل لَّهُ عَيْنَيْنِ
9 ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ وَلِسَانًا وَشَفَتَيْنِ
10 ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس. وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ
11 پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو. فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ
12 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟ وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْعَقَبَةُ
13 ٻانھو آجو ڪرڻ آھي. فَكُّ رَقَبَةٍ
14 يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ. أَوْ إِطْعَامٌ فِي يَوْمٍ ذِي مَسْغَبَةٍ
15 مائٽي واري ڇوري ٻار کي. يَتِيمًا ذَا مَقْرَبَةٍ
16 يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي. أَوْ مِسْكِينًا ذَا مَتْرَبَةٍ
17 ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون. ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ
18 اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن. أُوْلَئِكَ أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ
19 ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن. وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِنَا هُمْ أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ
20 مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي. عَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ
;