Ash-Shams

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي. وَالشَّمْسِ وَضُحَاهَا
2 ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي. وَالْقَمَرِ إِذَا تَلَاهَا
3 ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري. وَالنَّهَارِ إِذَا جَلَّاهَا
4 ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي. وَاللَّيْلِ إِذَا يَغْشَاهَا
5 ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو. وَالسَّمَاء وَمَا بَنَاهَا
6 ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو. وَالْأَرْضِ وَمَا طَحَاهَا
7 ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو. وَنَفْسٍ وَمَا سَوَّاهَا
8 پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس. فَأَلْهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقْوَاهَا
9 جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو. قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّاهَا
10 ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو. وَقَدْ خَابَ مَن دَسَّاهَا
11 (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو. كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِطَغْوَاهَا
12 جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو. إِذِ انبَعَثَ أَشْقَاهَا
13 پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو. فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ اللَّهِ نَاقَةَ اللَّهِ وَسُقْيَاهَا
14 پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين. فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنبِهِمْ فَسَوَّاهَا
15 ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي. وَلَا يَخَافُ عُقْبَاهَا
;