Al-Fajr

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 پرھ جو قسم آھي. وَالْفَجْرِ
2 ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي. وَلَيَالٍ عَشْرٍ
3 ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي. وَالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ
4 ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي. وَاللَّيْلِ إِذَا يَسْرِ
5 ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي. هَلْ فِي ذَلِكَ قَسَمٌ لِّذِي حِجْرٍ
6 نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو. أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
7 (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا. إِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ
8 جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي. الَّتِي لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ
9 ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون. وَثَمُودَ الَّذِينَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ
10 ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين). وَفِرْعَوْنَ ذِي الْأَوْتَادِ
11 انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي. الَّذِينَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ
12 پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون. فَأَكْثَرُوا فِيهَا الْفَسَادَ
13 تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو. فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ
14 بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي. إِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ
15 پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو. فَأَمَّا الْإِنسَانُ إِذَا مَا ابْتَلَاهُ رَبُّهُ فَأَكْرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَكْرَمَنِ
16 ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو. وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ
17 (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو. كَلَّا بَل لَّا تُكْرِمُونَ الْيَتِيمَ
18 ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو. وَلَا تَحَاضُّونَ عَلَى طَعَامِ الْمِسْكِينِ
19 ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو. وَتَأْكُلُونَ التُّرَاثَ أَكْلًا لَّمًّا
20 ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو. وَتُحِبُّونَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا
21 ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي. كَلَّا إِذَا دُكَّتِ الْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا
22 ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا). وَجَاء رَبُّكَ وَالْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا
23 ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي. وَجِيءَ يَوْمَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ وَأَنَّى لَهُ الذِّكْرَى
24 چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا. يَقُولُ يَا لَيْتَنِي قَدَّمْتُ لِحَيَاتِي
25 پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو. فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُ أَحَدٌ
26 ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو. وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُ أَحَدٌ
27 (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ. يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ
28 تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي. ارْجِعِي إِلَى رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً
29 تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ. فَادْخُلِي فِي عِبَادِي
30 ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ. وَادْخُلِي جَنَّتِي
;