Al-Gashiya

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟ هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ الْغَاشِيَةِ
2 اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا. وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ خَاشِعَةٌ
3 ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا. عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ
4 ٻرندڙ باھ ۾ پوندا. تَصْلَى نَارًا حَامِيَةً
5 بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن. تُسْقَى مِنْ عَيْنٍ آنِيَةٍ
6 ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو. لَّيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍ
7 (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو. لَا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِي مِن جُوعٍ
8 ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا. وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاعِمَةٌ
9 پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا. لِسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ
10 مٿاھين بھشت ۾ ھوندا. فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ
11 اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين. لَّا تَسْمَعُ فِيهَا لَاغِيَةً
12 اُتي چشما وھندڙ آھن. فِيهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ
13 اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل. فِيهَا سُرُرٌ مَّرْفُوعَةٌ
14 ۽ آبخورا رکيل. وَأَكْوَابٌ مَّوْضُوعَةٌ
15 ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل. وَنَمَارِقُ مَصْفُوفَةٌ
16 ۽ غاليچا وڇايل آھن. وَزَرَابِيُّ مَبْثُوثَةٌ
17 (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا. أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى الْإِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ
18 ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو. وَإِلَى السَّمَاء كَيْفَ رُفِعَتْ
19 ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا. وَإِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ
20 ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي. وَإِلَى الْأَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ
21 پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين. فَذَكِّرْ إِنَّمَا أَنتَ مُذَكِّرٌ
22 تون مٿن ڪو داروغو نه آھين. لَّسْتَ عَلَيْهِم بِمُصَيْطِرٍ
23 پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو. إِلَّا مَن تَوَلَّى وَكَفَرَ
24 تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ الْعَذَابَ الْأَكْبَرَ
25 بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي. إِنَّ إِلَيْنَا إِيَابَهُمْ
26 وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي. ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا حِسَابَهُمْ
;