Al-A'la

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْأَعْلَى
2 جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّى
3 ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. وَالَّذِي قَدَّرَ فَهَدَى
4 ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو. وَالَّذِي أَخْرَجَ الْمَرْعَى
5 پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين. فَجَعَلَهُ غُثَاء أَحْوَى
6 اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين. سَنُقْرِؤُكَ فَلَا تَنسَى
7 مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به). إِلَّا مَا شَاء اللَّهُ إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ وَمَا يَخْفَى
8 ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين. وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَى
9 پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر. فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ الذِّكْرَى
10 جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو. سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَى
11 ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو. وَيَتَجَنَّبُهَا الْأَشْقَى
12 جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو. الَّذِي يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرَى
13 وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو. ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَى
14 بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو. قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّى
15 ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو. وَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهِ فَصَلَّى
16 بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو. بَلْ تُؤْثِرُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
17 ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. وَالْآخِرَةُ خَيْرٌ وَأَبْقَى
18 بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي. إِنَّ هَذَا لَفِي الصُّحُفِ الْأُولَى
19 جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن. صُحُفِ إِبْرَاهِيمَ وَمُوسَى
;