At-Tariq

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي. وَالسَّمَاء وَالطَّارِقِ
2 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ وَمَا أَدْرَاكَ مَا الطَّارِقُ
3 (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي. النَّجْمُ الثَّاقِبُ
4 ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي. إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ
5 تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي. فَلْيَنظُرِ الْإِنسَانُ مِمَّ خُلِقَ
6 ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس. خُلِقَ مِن مَّاء دَافِقٍ
7 جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي. يَخْرُجُ مِن بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَائِبِ
8 بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي. إِنَّهُ عَلَى رَجْعِهِ لَقَادِرٌ
9 جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا. يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ
10 پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس). فَمَا لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ
11 ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي. وَالسَّمَاء ذَاتِ الرَّجْعِ
12 ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي. وَالْأَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ
13 ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي. إِنَّهُ لَقَوْلٌ فَصْلٌ
14 ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي. وَمَا هُوَ بِالْهَزْلِ
15 بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا. إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا
16 ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو. وَأَكِيدُ كَيْدًا
17 پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي. فَمَهِّلِ الْكَافِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا
;