At-Takwir

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 جڏھن سج ويڙھبو. إِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ
2 ۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا. وَإِذَا النُّجُومُ انكَدَرَتْ
3 ۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا. وَإِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ
4 ۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون. وَإِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ
5 ۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا. وَإِذَا الْوُحُوشُ حُشِرَتْ
6 ۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا. وَإِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ
7 ۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا. وَإِذَا النُّفُوسُ زُوِّجَتْ
8 ۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته. وَإِذَا الْمَوْؤُودَةُ سُئِلَتْ
9 ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي. بِأَيِّ ذَنبٍ قُتِلَتْ
10 ۽ جڏھن اعمالناما کولبا. وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ
11 ۽ جڏھن آسمان ڇلبو. وَإِذَا السَّمَاء كُشِطَتْ
12 ۽ جڏھن دوزخ ٻاربو. وَإِذَا الْجَحِيمُ سُعِّرَتْ
13 ۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو. وَإِذَا الْجَنَّةُ أُزْلِفَتْ
14 (تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو. عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا أَحْضَرَتْ
15 پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو. فَلَا أُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ
16 جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن. الْجَوَارِ الْكُنَّسِ
17 ۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي. وَاللَّيْلِ إِذَا عَسْعَسَ
18 ۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي. وَالصُّبْحِ إِذَا تَنَفَّسَ
19 ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي. إِنَّهُ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
20 جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي. ذِي قُوَّةٍ عِندَ ذِي الْعَرْشِ مَكِينٍ
21 جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي. مُطَاعٍ ثَمَّ أَمِينٍ
22 ۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي. وَمَا صَاحِبُكُم بِمَجْنُونٍ
23 ۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي. وَلَقَدْ رَآهُ بِالْأُفُقِ الْمُبِينِ
24 ۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي. وَمَا هُوَ عَلَى الْغَيْبِ بِضَنِينٍ
25 ۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي. وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَيْطَانٍ رَجِيمٍ
26 پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟ فَأَيْنَ تَذْهَبُونَ
27 ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي. إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ
28 اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي. لِمَن شَاء مِنكُمْ أَن يَسْتَقِيمَ
29 ۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ. وَمَا تَشَاؤُونَ إِلَّا أَن يَشَاء اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
;