Al-Infitar

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 جڏھن آسمان ڦاٽندو. إِذَا السَّمَاء انفَطَرَتْ
2 ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا. وَإِذَا الْكَوَاكِبُ انتَثَرَتْ
3 ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا. وَإِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ
4 ۽ جڏھن قبرون پٽبيون. وَإِذَا الْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
5 (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين. عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
6 اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ
7 جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين. الَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّاكَ فَعَدَلَكَ
8 جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين. فِي أَيِّ صُورَةٍ مَّا شَاء رَكَّبَكَ
9 ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو. كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِالدِّينِ
10 ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن. وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَ
11 سڳورا لکڻ وارا. كِرَامًا كَاتِبِينَ
12 جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن. يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
13 بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا. إِنَّ الْأَبْرَارَ لَفِي نَعِيمٍ
14 ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا. وَإِنَّ الْفُجَّارَ لَفِي جَحِيمٍ
15 عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا. يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّينِ
16 ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا. وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَائِبِينَ
17 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ وَمَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ
18 وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ ثُمَّ مَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ
19 اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي. يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْئًا وَالْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِلَّهِ
;