An-Nabaa

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا. عَمَّ يَتَسَاءلُونَ
2 (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت. عَنِ النَّبَإِ الْعَظِيمِ
3 جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن. الَّذِي هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ
4 ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
5 وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
6 زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟ أَلَمْ نَجْعَلِ الْأَرْضَ مِهَادًا
7 ۽ جبلن کي ميخون؟ وَالْجِبَالَ أَوْتَادًا
8 ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون. وَخَلَقْنَاكُمْ أَزْوَاجًا
9 ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون. وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا
10 ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون. وَجَعَلْنَا اللَّيْلَ لِبَاسًا
11 ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون. وَجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا
12 ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون. وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا
13 ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون. وَجَعَلْنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا
14 ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون. وَأَنزَلْنَا مِنَ الْمُعْصِرَاتِ مَاء ثَجَّاجًا
15 ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون. لِنُخْرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَبَاتًا
16 ۽ گھاٽاباغ (به). وَجَنَّاتٍ أَلْفَافًا
17 بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي. إِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيقَاتًا
18 جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ. يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا
19 ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو. وَفُتِحَتِ السَّمَاء فَكَانَتْ أَبْوَابًا
20 ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا. وَسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا
21 بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي. إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًا
22 جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي. لِلْطَّاغِينَ مَآبًا
23 منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا. لَابِثِينَ فِيهَا أَحْقَابًا
24 اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا. لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًا وَلَا شَرَابًا
25 تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ. إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا
26 (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي. جَزَاء وِفَاقًا
27 ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. إِنَّهُمْ كَانُوا لَا يَرْجُونَ حِسَابًا
28 ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا. وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا كِذَّابًا
29 ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون. وَكُلَّ شَيْءٍ أَحْصَيْنَاهُ كِتَابًا
30 پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون. فَذُوقُوا فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا
31 بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي. إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا
32 جو باغ ۽ ڊاکون. حَدَائِقَ وَأَعْنَابًا
33 ۽ ھم عمر نوجوان زالون. وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًا
34 ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به). وَكَأْسًا دِهَاقًا
35 اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا. لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا كِذَّابًا
36 (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي. جَزَاء مِّن رَّبِّكَ عَطَاء حِسَابًا
37 جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو. رَبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الرحْمَنِ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا
38 جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا. يَوْمَ يَقُومُ الرُّوحُ وَالْمَلَائِكَةُ صَفًّا لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرحْمَنُ وَقَالَ صَوَابًا
39 اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي. ذَلِكَ الْيَوْمُ الْحَقُّ فَمَن شَاء اتَّخَذَ إِلَى رَبِّهِ مَآبًا
40 بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا. إِنَّا أَنذَرْنَاكُمْ عَذَابًا قَرِيبًا يَوْمَ يَنظُرُ الْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ الْكَافِرُ يَا لَيْتَنِي كُنتُ تُرَابًا
;