An-Nazi'at

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي. وَالنَّازِعَاتِ غَرْقًا
2 ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي. وَالنَّاشِطَاتِ نَشْطًا
3 ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي. وَالسَّابِحَاتِ سَبْحًا
4 پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي. فَالسَّابِقَاتِ سَبْقًا
5 پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي. فَالْمُدَبِّرَاتِ أَمْرًا
6 ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي. يَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ
7 ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو. تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ
8 تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون. قُلُوبٌ يَوْمَئِذٍ وَاجِفَةٌ
9 انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون. أَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ
10 چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟ يَقُولُونَ أَئِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِي الْحَافِرَةِ
11 ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟ أَئِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً
12 چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي. قَالُوا تِلْكَ إِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ
13 پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي. فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ
14 پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا. فَإِذَا هُم بِالسَّاهِرَةِ
15 (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟ هَلْ أتَاكَ حَدِيثُ مُوسَى
16 جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو. إِذْ نَادَاهُ رَبُّهُ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى
17 ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي. اذْهَبْ إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
18 پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟ فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَى أَن تَزَكَّى
19 ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين. وَأَهْدِيَكَ إِلَى رَبِّكَ فَتَخْشَى
20 پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين. فَأَرَاهُ الْآيَةَ الْكُبْرَى
21 پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين. فَكَذَّبَ وَعَصَى
22 وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو. ثُمَّ أَدْبَرَ يَسْعَى
23 پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين. فَحَشَرَ فَنَادَى
24 پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان. فَقَالَ أَنَا رَبُّكُمُ الْأَعْلَى
25 پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو. فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكَالَ الْآخِرَةِ وَالْأُولَى
26 بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَعِبْرَةً لِّمَن يَخْشَى
27 ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟ أَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ السَّمَاء بَنَاهَا
28 اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين. رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوَّاهَا
29 ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين. وَأَغْطَشَ لَيْلَهَا وَأَخْرَجَ ضُحَاهَا
30 ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين. وَالْأَرْضَ بَعْدَ ذَلِكَ دَحَاهَا
31 اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين. أَخْرَجَ مِنْهَا مَاءهَا وَمَرْعَاهَا
32 ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين. وَالْجِبَالَ أَرْسَاهَا
33 اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ. مَتَاعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَامِكُمْ
34 پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو. فَإِذَا جَاءتِ الطَّامَّةُ الْكُبْرَى
35 اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين. يَوْمَ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ مَا سَعَى
36 ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو. وَبُرِّزَتِ الْجَحِيمُ لِمَن يَرَى
37 پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو. فَأَمَّا مَن طَغَى
38 ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين. وَآثَرَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
39 تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي. فَإِنَّ الْجَحِيمَ هِيَ الْمَأْوَى
40 ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين. وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى
41 پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي. فَإِنَّ الْجَنَّةَ هِيَ الْمَأْوَى
42 (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟ يَسْأَلُونَكَ عَنِ السَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَاهَا
43 (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟ فِيمَ أَنتَ مِن ذِكْرَاهَا
44 اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي. إِلَى رَبِّكَ مُنتَهَاهَا
45 جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين. إِنَّمَا أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخْشَاهَا
46 جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا. كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوا إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَاهَا
;