Al-Mursalat

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي. وَالْمُرْسَلَاتِ عُرْفًا
2 پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي. فَالْعَاصِفَاتِ عَصْفًا
3 ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي. وَالنَّاشِرَاتِ نَشْرًا
4 پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي. فَالْفَارِقَاتِ فَرْقًا
5 پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي. فَالْمُلْقِيَاتِ ذِكْرًا
6 (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن. عُذْرًا أَوْ نُذْرًا
7 ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي. إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَاقِعٌ
8 پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا. فَإِذَا النُّجُومُ طُمِسَتْ
9 ۽ جڏھن آسمان چيربو. وَإِذَا السَّمَاء فُرِجَتْ
10 ۽ جڏھن جبل اڏائبا. وَإِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ
11 ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا. وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَتْ
12 (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو. لِأَيِّ يَوْمٍ أُجِّلَتْ
13 فيصلي جي ڏينھن لاءِ. لِيَوْمِ الْفَصْلِ
14 ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي. وَمَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ
15 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
16 پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ أَلَمْ نُهْلِكِ الْأَوَّلِينَ
17 وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون. ثُمَّ نُتْبِعُهُمُ الْآخِرِينَ
18 ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون. كَذَلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِينَ
19 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
20 اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ أَلَمْ نَخْلُقكُّم مِّن مَّاء مَّهِينٍ
21 پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون. فَجَعَلْنَاهُ فِي قَرَارٍ مَّكِينٍ
22 ھڪ مُقرّر وقت تائين. إِلَى قَدَرٍ مَّعْلُومٍ
23 پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون. فَقَدَرْنَا فَنِعْمَ الْقَادِرُونَ
24 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
25 زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ أَلَمْ نَجْعَلِ الْأَرْضَ كِفَاتًا
26 (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي). أَحْيَاء وَأَمْوَاتًا
27 ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون. وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ شَامِخَاتٍ وَأَسْقَيْنَاكُم مَّاء فُرَاتًا
28 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
29 (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو. انطَلِقُوا إِلَى مَا كُنتُم بِهِ تُكَذِّبُونَ
30 (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو. انطَلِقُوا إِلَى ظِلٍّ ذِي ثَلَاثِ شُعَبٍ
31 نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي. لَا ظَلِيلٍ وَلَا يُغْنِي مِنَ اللَّهَبِ
32 بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي. إِنَّهَا تَرْمِي بِشَرَرٍ كَالْقَصْرِ
33 ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن. كَأَنَّهُ جِمَالَتٌ صُفْرٌ
34 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
35 اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا. هَذَا يَوْمُ لَا يَنطِقُونَ
36 ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن. وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُونَ
37 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
38 ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون. هَذَا يَوْمُ الْفَصْلِ جَمَعْنَاكُمْ وَالْأَوَّلِينَ
39 پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو. فَإِن كَانَ لَكُمْ كَيْدٌ فَكِيدُونِ
40 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
41 بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا. إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي ظِلَالٍ وَعُيُونٍ
42 ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا. وَفَوَاكِهَ مِمَّا يَشْتَهُونَ
43 (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو. كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
44 بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون. إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنينَ
45 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
46 (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو. كُلُوا وَتَمَتَّعُوا قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجْرِمُونَ
47 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
48 ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن. وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ارْكَعُوا لَا يَرْكَعُونَ
49 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
50 پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا. فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَهُ يُؤْمِنُونَ
;