Al-Qamar

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو. اقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانشَقَّ الْقَمَرُ
2 ۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي. وَإِن يَرَوْا آيَةً يُعْرِضُوا وَيَقُولُوا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ
3 ۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي. وَكَذَّبُوا وَاتَّبَعُوا أَهْوَاءهُمْ وَكُلُّ أَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ
4 ۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي. وَلَقَدْ جَاءهُم مِّنَ الْأَنبَاء مَا فِيهِ مُزْدَجَرٌ
5 پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين. حِكْمَةٌ بَالِغَةٌ فَمَا تُغْنِ النُّذُرُ
6 تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو. فَتَوَلَّ عَنْهُمْ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ إِلَى شَيْءٍ نُّكُرٍ
7 (تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن. خُشَّعًا أَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُونَ مِنَ الْأَجْدَاثِ كَأَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنتَشِرٌ
8 (اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي. مُّهْطِعِينَ إِلَى الدَّاعِ يَقُولُ الْكَافِرُونَ هَذَا يَوْمٌ عَسِرٌ
9 انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو. كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ فَكَذَّبُوا عَبْدَنَا وَقَالُوا مَجْنُونٌ وَازْدُجِرَ
10 پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ. فَدَعَا رَبَّهُ أَنِّي مَغْلُوبٌ فَانتَصِرْ
11 پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون. فَفَتَحْنَا أَبْوَابَ السَّمَاء بِمَاء مُّنْهَمِرٍ
12 ۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو. وَفَجَّرْنَا الْأَرْضَ عُيُونًا فَالْتَقَى الْمَاء عَلَى أَمْرٍ قَدْ قُدِرَ
13 ۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون. وَحَمَلْنَاهُ عَلَى ذَاتِ أَلْوَاحٍ وَدُسُرٍ
14 جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون. تَجْرِي بِأَعْيُنِنَا جَزَاء لِّمَن كَانَ كُفِرَ
15 ۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ وَلَقَد تَّرَكْنَاهَا آيَةً فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
16 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا. فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِي وَنُذُرِ
17 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
18 عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟ كَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِي وَنُذُرِ
19 بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو. إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِي يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ
20 جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن. تَنزِعُ النَّاسَ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنقَعِرٍ
21 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِي وَنُذُرِ
22 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
23 ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو. كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِالنُّذُرِ
24 پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون. فَقَالُوا أَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُهُ إِنَّا إِذًا لَّفِي ضَلَالٍ وَسُعُرٍ
25 اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي. أَأُلْقِيَ الذِّكْرُ عَلَيْهِ مِن بَيْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ أَشِرٌ
26 سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي. سَيَعْلَمُونَ غَدًا مَّنِ الْكَذَّابُ الْأَشِرُ
27 بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر. إِنَّا مُرْسِلُو النَّاقَةِ فِتْنَةً لَّهُمْ فَارْتَقِبْهُمْ وَاصْطَبِرْ
28 ۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي. وَنَبِّئْهُمْ أَنَّ الْمَاء قِسْمَةٌ بَيْنَهُمْ كُلُّ شِرْبٍ مُّحْتَضَرٌ
29 پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين. فَنَادَوْا صَاحِبَهُمْ فَتَعَاطَى فَعَقَرَ
30 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِي وَنُذُرِ
31 بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا. إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ صَيْحَةً وَاحِدَةً فَكَانُوا كَهَشِيمِ الْمُحْتَظِرِ
32 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
33 لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو. كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍ بِالنُّذُرِ
34 بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون. إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ حَاصِبًا إِلَّا آلَ لُوطٍ نَّجَّيْنَاهُم بِسَحَرٍ
35 پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون. نِعْمَةً مِّنْ عِندِنَا كَذَلِكَ نَجْزِي مَن شَكَرَ
36 ۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون. وَلَقَدْ أَنذَرَهُم بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْا بِالنُّذُرِ
37 ۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو. وَلَقَدْ رَاوَدُوهُ عَن ضَيْفِهِ فَطَمَسْنَا أَعْيُنَهُمْ فَذُوقُوا عَذَابِي وَنُذُرِ
38 ۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو. وَلَقَدْ صَبَّحَهُم بُكْرَةً عَذَابٌ مُّسْتَقِرٌّ
39 پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو. فَذُوقُوا عَذَابِي وَنُذُرِ
40 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو. وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
41 ۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا. وَلَقَدْ جَاء آلَ فِرْعَوْنَ النُّذُرُ
42 ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون. كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا كُلِّهَا فَأَخَذْنَاهُمْ أَخْذَ عَزِيزٍ مُّقْتَدِرٍ
43 (اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟ أَكُفَّارُكُمْ خَيْرٌ مِّنْ أُوْلَئِكُمْ أَمْ لَكُم بَرَاءةٌ فِي الزُّبُرِ
44 چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون. أَمْ يَقُولُونَ نَحْنُ جَمِيعٌ مُّنتَصِرٌ
45 انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا. سَيُهْزَمُ الْجَمْعُ وَيُوَلُّونَ الدُّبُرَ
46 بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي. بَلِ السَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَالسَّاعَةُ أَدْهَى وَأَمَرُّ
47 بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن. إِنَّ الْمُجْرِمِينَ فِي ضَلَالٍ وَسُعُرٍ
48 (ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو. يَوْمَ يُسْحَبُونَ فِي النَّارِ عَلَى وُجُوهِهِمْ ذُوقُوا مَسَّ سَقَرَ
49 بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو. إِنَّا كُلَّ شَيْءٍ خَلَقْنَاهُ بِقَدَرٍ
50 ۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي. وَمَا أَمْرُنَا إِلَّا وَاحِدَةٌ كَلَمْحٍ بِالْبَصَرِ
51 ۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو. وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا أَشْيَاعَكُمْ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
52 ۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي. وَكُلُّ شَيْءٍ فَعَلُوهُ فِي الزُّبُرِ
53 ۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي. وَكُلُّ صَغِيرٍ وَكَبِيرٍ مُسْتَطَرٌ
54 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا. إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَنَهَرٍ
55 اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا. فِي مَقْعَدِ صِدْقٍ عِندَ مَلِيكٍ مُّقْتَدِرٍ
;