Ar-Rahman

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 ٻاجھاري (الله). الرَّحْمَنُ
2 قرآن سيکاريو. عَلَّمَ الْقُرْآنَ
3 ماڻھو کي پيدا ڪيائين. خَلَقَ الْإِنسَانَ
4 ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين. عَلَّمَهُ الْبَيَانَ
5 سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن. الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
6 ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن. وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ
7 ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين. وَالسَّمَاء رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ
8 ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو. أَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيزَانِ
9 ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. وَأَقِيمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيزَانَ
10 ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين. وَالْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ
11 منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن. فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الْأَكْمَامِ
12 ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن. وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ
13 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
14 ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين. خَلَقَ الْإِنسَانَ مِن صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ
15 ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين. وَخَلَقَ الْجَانَّ مِن مَّارِجٍ مِّن نَّارٍ
16 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
17 جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي. رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ
18 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
19 ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن. مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ
20 انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن. بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ
21 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
22 انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن. يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ
23 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
24 ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن. وَلَهُ الْجَوَارِ الْمُنشَآتُ فِي الْبَحْرِ كَالْأَعْلَامِ
25 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
26 جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو. كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ
27 ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي. وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
28 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
29 جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي. يَسْأَلُهُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ
30 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
31 اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون. سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَا الثَّقَلَانِ
32 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
33 اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ. يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ إِنِ اسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا مِنْ أَقْطَارِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ فَانفُذُوا لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَانٍ
34 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
35 اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ. يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ
36 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
37 پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو. فَإِذَا انشَقَّتِ السَّمَاء فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ
38 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
39 پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا. فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْأَلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلَا جَانٌّ
40 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
41 ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا. يُعْرَفُ الْمُجْرِمُونَ بِسِيمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِي وَالْأَقْدَامِ
42 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
43 (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو. هَذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُونَ
44 انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا. يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ آنٍ
45 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
46 ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن. وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ
47 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
48 ٻئي باغ گھاٽا آھن. ذَوَاتَا أَفْنَانٍ
49 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
50 انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا. فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ
51 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
52 انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن. فِيهِمَا مِن كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ
53 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
54 اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو. مُتَّكِئِينَ عَلَى فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ وَجَنَى الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ
55 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
56 اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي. فِيهِنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
57 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
58 اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن. كَأَنَّهُنَّ الْيَاقُوتُ وَالْمَرْجَانُ
59 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
60 چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي. هَلْ جَزَاء الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ
61 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
62 ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن. وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ
63 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
64 ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن. مُدْهَامَّتَانِ
65 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
66 اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا. فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ
67 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
68 انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا. فِيهِمَا فَاكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ
69 پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
70 انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون. فِيهِنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ
71 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
72 حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون. حُورٌ مَّقْصُورَاتٌ فِي الْخِيَامِ
73 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
74 انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي. لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
75 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
76 ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا. مُتَّكِئِينَ عَلَى رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِيٍّ حِسَانٍ
77 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
78 تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي. تَبَارَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِي الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
;