An-Najm

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي. وَالنَّجْمِ إِذَا هَوَى
2 ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو. مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَى
3 ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي. وَمَا يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى
4 ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي. إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْيٌ يُوحَى
5 اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي. عَلَّمَهُ شَدِيدُ الْقُوَى
6 جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو. ذُو مِرَّةٍ فَاسْتَوَى
7 ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو. وَهُوَ بِالْأُفُقِ الْأَعْلَى
8 وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو. ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّى
9 پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو. فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى
10 پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين. فَأَوْحَى إِلَى عَبْدِهِ مَا أَوْحَى
11 جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو. مَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَأَى
12 جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟ أَفَتُمَارُونَهُ عَلَى مَا يَرَى
13 ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين. وَلَقَدْ رَآهُ نَزْلَةً أُخْرَى
14 سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ. عِندَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهَى
15 اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي. عِندَهَا جَنَّةُ الْمَأْوَى
16 جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي. إِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشَى
17 (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي. مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغَى
18 بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين. لَقَدْ رَأَى مِنْ آيَاتِ رَبِّهِ الْكُبْرَى
19 لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟ أَفَرَأَيْتُمُ اللَّاتَ وَالْعُزَّى
20 ۽ پوئين ٽين منات کي به؟ وَمَنَاةَ الثَّالِثَةَ الْأُخْرَى
21 ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون. أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الْأُنثَى
22 اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي. تِلْكَ إِذًا قِسْمَةٌ ضِيزَى
23 اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي. إِنْ هِيَ إِلَّا أَسْمَاء سَمَّيْتُمُوهَا أَنتُمْ وَآبَاؤُكُم مَّا أَنزَلَ اللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَانٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ وَمَا تَهْوَى الْأَنفُسُ وَلَقَدْ جَاءهُم مِّن رَّبِّهِمُ الْهُدَى
24 ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟ أَمْ لِلْإِنسَانِ مَا تَمَنَّى
25 پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي. فَلِلَّهِ الْآخِرَةُ وَالْأُولَى
26 ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي. وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِي السَّمَاوَاتِ لَا تُغْنِي شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا إِلَّا مِن بَعْدِ أَن يَأْذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشَاء وَيَرْضَى
27 بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن. إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ لَيُسَمُّونَ الْمَلَائِكَةَ تَسْمِيَةَ الْأُنثَى
28 ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي. وَمَا لَهُم بِهِ مِنْ عِلْمٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لَا يُغْنِي مِنَ الْحَقِّ شَيْئًا
29 پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين. فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّى عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
30 اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. ذَلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ الْعِلْمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ اهْتَدَى
31 ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي. وَلِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ أَسَاؤُوا بِمَا عَمِلُوا وَيَجْزِيَ الَّذِينَ أَحْسَنُوا بِالْحُسْنَى
32 جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو. الَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَائِرَ الْإِثْمِ وَالْفَوَاحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وَاسِعُ الْمَغْفِرَةِ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ الْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌ فِي بُطُونِ أُمَّهَاتِكُمْ فَلَا تُزَكُّوا أَنفُسَكُمْ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقَى
33 (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو. أَفَرَأَيْتَ الَّذِي تَوَلَّى
34 ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو. وَأَعْطَى قَلِيلًا وَأَكْدَى
35 وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي. أَعِندَهُ عِلْمُ الْغَيْبِ فَهُوَ يَرَى
36 اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي. أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِي صُحُفِ مُوسَى
37 ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو. وَإِبْرَاهِيمَ الَّذِي وَفَّى
38 (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو. أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَى
39 ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين. وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى
40 ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي. وَأَنَّ سَعْيَهُ سَوْفَ يُرَى
41 وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو. ثُمَّ يُجْزَاهُ الْجَزَاء الْأَوْفَى
42 ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي. وَأَنَّ إِلَى رَبِّكَ الْمُنتَهَى
43 ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو. وَأَنَّهُ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَى
44 ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو. وَأَنَّهُ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا
45 ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو. وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَى
46 منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي. مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَى
47 ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي. وَأَنَّ عَلَيْهِ النَّشْأَةَ الْأُخْرَى
48 ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين. وَأَنَّهُ هُوَ أَغْنَى وَأَقْنَى
49 ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي. وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعْرَى
50 ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو. وَأَنَّهُ أَهْلَكَ عَادًا الْأُولَى
51 ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين. وَثَمُودَ فَمَا أَبْقَى
52 ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا. وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَى
53 ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين. وَالْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَى
54 پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو. فَغَشَّاهَا مَا غَشَّى
55 پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين. فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكَ تَتَمَارَى
56 ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي. هَذَا نَذِيرٌ مِّنَ النُّذُرِ الْأُولَى
57 ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي. أَزِفَتْ الْآزِفَةُ
58 اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي. لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ اللَّهِ كَاشِفَةٌ
59 ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟ أَفَمِنْ هَذَا الْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ
60 ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو. وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ
61 ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو. وَأَنتُمْ سَامِدُونَ
62 پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو. فَاسْجُدُوا لِلَّهِ وَاعْبُدُوا
;