1 |
(جبل) طُور جو قسم آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052001.mp3
|
وَالطُّورِ |
2 |
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052002.mp3
|
وَكِتَابٍ مَّسْطُورٍ |
3 |
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052003.mp3
|
فِي رَقٍّ مَّنشُورٍ |
4 |
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052004.mp3
|
وَالْبَيْتِ الْمَعْمُورِ |
5 |
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052005.mp3
|
وَالسَّقْفِ الْمَرْفُوعِ |
6 |
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052006.mp3
|
وَالْبَحْرِ الْمَسْجُورِ |
7 |
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052007.mp3
|
إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ |
8 |
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052008.mp3
|
مَا لَهُ مِن دَافِعٍ |
9 |
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052009.mp3
|
يَوْمَ تَمُورُ السَّمَاء مَوْرًا |
10 |
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052010.mp3
|
وَتَسِيرُ الْجِبَالُ سَيْرًا |
11 |
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052011.mp3
|
فَوَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِلْمُكَذِّبِينَ |
12 |
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052012.mp3
|
الَّذِينَ هُمْ فِي خَوْضٍ يَلْعَبُونَ |
13 |
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052013.mp3
|
يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا |
14 |
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052014.mp3
|
هَذِهِ النَّارُ الَّتِي كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ |
15 |
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/052015.mp3
|
أَفَسِحْرٌ هَذَا أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ |
16 |
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052016.mp3
|
اصْلَوْهَا فَاصْبِرُوا أَوْ لَا تَصْبِرُوا سَوَاء عَلَيْكُمْ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ |
17 |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052017.mp3
|
إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَنَعِيمٍ |
18 |
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052018.mp3
|
فَاكِهِينَ بِمَا آتَاهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَاهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ |
19 |
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052019.mp3
|
كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ |
20 |
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052020.mp3
|
مُتَّكِئِينَ عَلَى سُرُرٍ مَّصْفُوفَةٍ وَزَوَّجْنَاهُم بِحُورٍ عِينٍ |
21 |
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052021.mp3
|
وَالَّذِينَ آمَنُوا وَاتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّتُهُم بِإِيمَانٍ أَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَا أَلَتْنَاهُم مِّنْ عَمَلِهِم مِّن شَيْءٍ كُلُّ امْرِئٍ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ |
22 |
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052022.mp3
|
وَأَمْدَدْنَاهُم بِفَاكِهَةٍ وَلَحْمٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ |
23 |
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052023.mp3
|
يَتَنَازَعُونَ فِيهَا كَأْسًا لَّا لَغْوٌ فِيهَا وَلَا تَأْثِيمٌ |
24 |
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052024.mp3
|
وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَأَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُونٌ |
25 |
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052025.mp3
|
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ |
26 |
چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052026.mp3
|
قَالُوا إِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِي أَهْلِنَا مُشْفِقِينَ |
27 |
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052027.mp3
|
فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا وَوَقَانَا عَذَابَ السَّمُومِ |
28 |
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052028.mp3
|
إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلُ نَدْعُوهُ إِنَّهُ هُوَ الْبَرُّ الرَّحِيمُ |
29 |
پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052029.mp3
|
فَذَكِّرْ فَمَا أَنتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَلَا مَجْنُونٍ |
30 |
بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052030.mp3
|
أَمْ يَقُولُونَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهِ رَيْبَ الْمَنُونِ |
31 |
(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052031.mp3
|
قُلْ تَرَبَّصُوا فَإِنِّي مَعَكُم مِّنَ الْمُتَرَبِّصِينَ |
32 |
کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052032.mp3
|
أَمْ تَأْمُرُهُمْ أَحْلَامُهُم بِهَذَا أَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ |
33 |
چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052033.mp3
|
أَمْ يَقُولُونَ تَقَوَّلَهُ بَل لَّا يُؤْمِنُونَ |
34 |
پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052034.mp3
|
فَلْيَأْتُوا بِحَدِيثٍ مِّثْلِهِ إِن كَانُوا صَادِقِينَ |
35 |
اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/052035.mp3
|
أَمْ خُلِقُوا مِنْ غَيْرِ شَيْءٍ أَمْ هُمُ الْخَالِقُونَ |
36 |
آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052036.mp3
|
أَمْ خَلَقُوا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بَل لَّا يُوقِنُونَ |
37 |
تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/052037.mp3
|
أَمْ عِندَهُمْ خَزَائِنُ رَبِّكَ أَمْ هُمُ الْمُصَيْطِرُونَ |
38 |
کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052038.mp3
|
أَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ يَسْتَمِعُونَ فِيهِ فَلْيَأْتِ مُسْتَمِعُهُم بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ |
39 |
الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/052039.mp3
|
أَمْ لَهُ الْبَنَاتُ وَلَكُمُ الْبَنُونَ |
40 |
اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052040.mp3
|
أَمْ تَسْأَلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ |
41 |
اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052041.mp3
|
أَمْ عِندَهُمُ الْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ |
42 |
ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052042.mp3
|
أَمْ يُرِيدُونَ كَيْدًا فَالَّذِينَ كَفَرُوا هُمُ الْمَكِيدُونَ |
43 |
انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052043.mp3
|
أَمْ لَهُمْ إِلَهٌ غَيْرُ اللَّهِ سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ |
44 |
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052044.mp3
|
وَإِن يَرَوْا كِسْفًا مِّنَ السَّمَاء سَاقِطًا يَقُولُوا سَحَابٌ مَّرْكُومٌ |
45 |
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052045.mp3
|
فَذَرْهُمْ حَتَّى يُلَاقُوا يَوْمَهُمُ الَّذِي فِيهِ يُصْعَقُونَ |
46 |
جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052046.mp3
|
يَوْمَ لَا يُغْنِي عَنْهُمْ كَيْدُهُمْ شَيْئًا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ |
47 |
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/052047.mp3
|
وَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا عَذَابًا دُونَ ذَلِكَ وَلَكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ |
48 |
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر |
/content/ayah/audio/hudhaify/052048.mp3
|
وَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ |
49 |
۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به). |
/content/ayah/audio/hudhaify/052049.mp3
|
وَمِنَ اللَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَإِدْبَارَ النُّجُومِ |