Al-Qari'a

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 سخت ٺوڪيندڙ. الْقَارِعَةُ
2 (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟ مَا الْقَارِعَةُ
3 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟ وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْقَارِعَةُ
4 جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا. يَوْمَ يَكُونُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوثِ
5 ۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا. وَتَكُونُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنفُوشِ
6 پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا. فَأَمَّا مَن ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ
7 سو دلپسند گذران ۾ ھوندو. فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ
8 ۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا. وَأَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ
9 تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي. فَأُمُّهُ هَاوِيَةٌ
10 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟ وَمَا أَدْرَاكَ مَا هِيَهْ
11 ھڪ ٻرندڙ باھ آھي. نَارٌ حَامِيَةٌ
;