At-Takathur

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو. أَلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ
2 تان جو قبرن کي ڏٺوَ. حَتَّى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ
3 ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ. كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
4 وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ. ثُمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
5 نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا). كَلَّا لَوْ تَعْلَمُونَ عِلْمَ الْيَقِينِ
6 قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ. لَتَرَوُنَّ الْجَحِيمَ
7 وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ. ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِينِ
8 وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو. ثُمَّ لَتُسْأَلُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِيمِ
;