Al-Adiyat

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي. وَالْعَادِيَاتِ ضَبْحًا
2 پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي. فَالْمُورِيَاتِ قَدْحًا
3 پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي فَالْمُغِيرَاتِ صُبْحًا
4 جو اُن مھل رئي اُٿارين. فَأَثَرْنَ بِهِ نَقْعًا
5 پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون. فَوَسَطْنَ بِهِ جَمْعًا
6 ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي. إِنَّ الْإِنسَانَ لِرَبِّهِ لَكَنُودٌ
7 ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي. وَإِنَّهُ عَلَى ذَلِكَ لَشَهِيدٌ
8 ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي. وَإِنَّهُ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيدٌ
9 (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن. أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُورِ
10 ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو. وَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُورِ
11 بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي. إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌ
;