At-Tin

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 انجير ۽ زيتون جو قسم آھي. وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ
2 ۽ طُور سينا جو. وَطُورِ سِينِينَ
3 ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو. وَهَذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ
4 ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون. لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ
5 وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس. ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ
6 پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي. إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
7 پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟ فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّينِ
8 حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟ أَلَيْسَ اللَّهُ بِأَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ
;