Adh-Dhuha

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي. وَالضُّحَى
2 ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي. وَاللَّيْلِ إِذَا سَجَى
3 ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو. مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَى
4 ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي. وَلَلْآخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْأُولَى
5 ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين. وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى
6 توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين. أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَآوَى
7 ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين. وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَى
8 ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين. وَوَجَدَكَ عَائِلًا فَأَغْنَى
9 تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر. فَأَمَّا الْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ
10 ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ. وَأَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنْهَرْ
11 ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ. وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ
;