Al-Inshiqaq

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 جڏھن آسمان ڦاٽندو. إِذَا السَّمَاء انشَقَّتْ
2 ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
3 ۽ جڏھن زمين پکيڙبي. وَإِذَا الْأَرْضُ مُدَّتْ
4 ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي. وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ
5 ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
6 اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين. يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ
7 پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو. فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ
8 تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو. فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا
9 ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو. وَيَنقَلِبُ إِلَى أَهْلِهِ مَسْرُورًا
10 ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو. وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاء ظَهْرِهِ
11 سو سگھوئي موت کي سڏيندو. فَسَوْفَ يَدْعُو ثُبُورًا
12 ۽ دوزخ ۾ گھڙندو. وَيَصْلَى سَعِيرًا
13 ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو. إِنَّهُ كَانَ فِي أَهْلِهِ مَسْرُورًا
14 بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو. إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ
15 ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي. بَلَى إِنَّ رَبَّهُ كَانَ بِهِ بَصِيرًا
16 پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو. فَلَا أُقْسِمُ بِالشَّفَقِ
17 ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس. وَاللَّيْلِ وَمَا وَسَقَ
18 ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي. وَالْقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ
19 ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ. لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ
20 پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن. فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
21 ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن. وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ الْقُرْآنُ لَا يَسْجُدُونَ
22 بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن. بَلِ الَّذِينَ كَفَرُواْ يُكَذِّبُونَ
23 ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ
24 پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
25 پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي. إِلَّا الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
;