Al-Qiyamat

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. لَا أُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيَامَةِ
2 ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا). وَلَا أُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ
3 ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون. أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَلَّن نَجْمَعَ عِظَامَهُ
4 ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون. بَلَى قَادِرِينَ عَلَى أَن نُّسَوِّيَ بَنَانَهُ
5 بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري. بَلْ يُرِيدُ الْإِنسَانُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُ
6 پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ يَسْأَلُ أَيَّانَ يَوْمُ الْقِيَامَةِ
7 پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون. فَإِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ
8 ۽ چنڊ گرھبو. وَخَسَفَ الْقَمَرُ
9 ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا. وَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ
10 (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ يَقُولُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ الْمَفَرُّ
11 نه نه! ڪا واھ ڪانھي. كَلَّا لَا وَزَرَ
12 تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي. إِلَى رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمُسْتَقَرُّ
13 اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين. يُنَبَّأُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ
14 بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي. بَلِ الْإِنسَانُ عَلَى نَفْسِهِ بَصِيرَةٌ
15 توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري. وَلَوْ أَلْقَى مَعَاذِيرَهُ
16 (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين. لَا تُحَرِّكْ بِهِ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِ
17 ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي. إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ
18 پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ. فَإِذَا قَرَأْنَاهُ فَاتَّبِعْ قُرْآنَهُ
19 وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي. ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ
20 نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو. كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ
21 ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو. وَتَذَرُونَ الْآخِرَةَ
22 ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا. وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ
23 پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا. إِلَى رَبِّهَا نَاظِرَةٌ
24 ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا. وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ بَاسِرَةٌ
25 ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ. تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ
26 نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو. كَلَّا إِذَا بَلَغَتْ التَّرَاقِيَ
27 ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي. وَقِيلَ مَنْ رَاقٍ
28 ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو. وَظَنَّ أَنَّهُ الْفِرَاقُ
29 ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي. وَالْتَفَّتِ السَّاقُ بِالسَّاقِ
30 اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي. إِلَى رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمَسَاقُ
31 پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين. فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّى
32 پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين. وَلَكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّى
33 وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو. ثُمَّ ذَهَبَ إِلَى أَهْلِهِ يَتَمَطَّى
34 توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي. أَوْلَى لَكَ فَأَوْلَى
35 وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي. ثُمَّ أَوْلَى لَكَ فَأَوْلَى
36 ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو. أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَن يُتْرَكَ سُدًى
37 (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو. أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمْنَى
38 وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين. ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّى
39 پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين. فَجَعَلَ مِنْهُ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَى
40 اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟ أَلَيْسَ ذَلِكَ بِقَادِرٍ عَلَى أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَى
;