Al-Jinn

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو. قُلْ أُوحِيَ إِلَيَّ أَنَّهُ اسْتَمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوا إِنَّا سَمِعْنَا قُرْآنًا عَجَبًا
2 جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون. يَهْدِي إِلَى الرُّشْدِ فَآمَنَّا بِهِ وَلَن نُّشْرِكَ بِرَبِّنَا أَحَدًا
3 ۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس. وَأَنَّهُ تَعَالَى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَلَا وَلَدًا
4 ۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي. وَأَنَّهُ كَانَ يَقُولُ سَفِيهُنَا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا
5 ۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا. وَأَنَّا ظَنَنَّا أَن لَّن تَقُولَ الْإِنسُ وَالْجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا
6 ۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي. وَأَنَّهُ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْإِنسِ يَعُوذُونَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوهُمْ رَهَقًا
7 ۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو. وَأَنَّهُمْ ظَنُّوا كَمَا ظَنَنتُمْ أَن لَّن يَبْعَثَ اللَّهُ أَحَدًا
8 ۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي. وَأَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاء فَوَجَدْنَاهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيدًا وَشُهُبًا
9 ۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي. وَأَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ فَمَن يَسْتَمِعِ الْآنَ يَجِدْ لَهُ شِهَابًا رَّصَدًا
10 ۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي. وَأَنَّا لَا نَدْرِي أَشَرٌّ أُرِيدَ بِمَن فِي الْأَرْضِ أَمْ أَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا
11 ۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون. وَأَنَّا مِنَّا الصَّالِحُونَ وَمِنَّا دُونَ ذَلِكَ كُنَّا طَرَائِقَ قِدَدًا
12 ۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس. وَأَنَّا ظَنَنَّا أَن لَّن نُّعجِزَ اللَّهَ فِي الْأَرْضِ وَلَن نُّعْجِزَهُ هَرَبًا
13 ۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو. وَأَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدَى آمَنَّا بِهِ فَمَن يُؤْمِن بِرَبِّهِ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَلَا رَهَقًا
14 ۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي. وَأَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُونَ وَمِنَّا الْقَاسِطُونَ فَمَنْ أَسْلَمَ فَأُوْلَئِكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا
15 ۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا. وَأَمَّا الْقَاسِطُونَ فَكَانُوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا
16 ۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا. وَأَلَّوِ اسْتَقَامُوا عَلَى الطَّرِيقَةِ لَأَسْقَيْنَاهُم مَّاء غَدَقًا
17 ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو. لِنَفْتِنَهُمْ فِيهِ وَمَن يُعْرِضْ عَن ذِكْرِ رَبِّهِ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا
18 ۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو. وَأَنَّ الْمَسَاجِدَ لِلَّهِ فَلَا تَدْعُوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا
19 ۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا. وَأَنَّهُ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللَّهِ يَدْعُوهُ كَادُوا يَكُونُونَ عَلَيْهِ لِبَدًا
20 چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان. قُلْ إِنَّمَا أَدْعُو رَبِّي وَلَا أُشْرِكُ بِهِ أَحَدًا
21 چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان. قُلْ إِنِّي لَا أَمْلِكُ لَكُمْ ضَرًّا وَلَا رَشَدًا
22 چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس. قُلْ إِنِّي لَن يُجِيرَنِي مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَنْ أَجِدَ مِن دُونِهِ مُلْتَحَدًا
23 مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا. إِلَّا بَلَاغًا مِّنَ اللَّهِ وَرِسَالَاتِهِ وَمَن يَعْصِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ فَإِنَّ لَهُ نَارَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا
24 (ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي. حَتَّى إِذَا رَأَوْا مَا يُوعَدُونَ فَسَيَعْلَمُونَ مَنْ أَضْعَفُ نَاصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا
25 (کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو. قُلْ إِنْ أَدْرِي أَقَرِيبٌ مَّا تُوعَدُونَ أَمْ يَجْعَلُ لَهُ رَبِّي أَمَدًا
26 (اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي. عَالِمُ الْغَيْبِ فَلَا يُظْهِرُ عَلَى غَيْبِهِ أَحَدًا
27 سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي. إِلَّا مَنِ ارْتَضَى مِن رَّسُولٍ فَإِنَّهُ يَسْلُكُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ رَصَدًا
28 (ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. لِيَعْلَمَ أَن قَدْ أَبْلَغُوا رِسَالَاتِ رَبِّهِمْ وَأَحَاطَ بِمَا لَدَيْهِمْ وَأَحْصَى كُلَّ شَيْءٍ عَدَدًا
;