1 |
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067001.mp3
|
تَبَارَكَ الَّذِي بِيَدِهِ الْمُلْكُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ |
2 |
(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067002.mp3
|
الَّذِي خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيَاةَ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا وَهُوَ الْعَزِيزُ الْغَفُورُ |
3 |
(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067003.mp3
|
الَّذِي خَلَقَ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ طِبَاقًا مَّا تَرَى فِي خَلْقِ الرَّحْمَنِ مِن تَفَاوُتٍ فَارْجِعِ الْبَصَرَ هَلْ تَرَى مِن فُطُورٍ |
4 |
پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067004.mp3
|
ثُمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنقَلِبْ إِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِأً وَهُوَ حَسِيرٌ |
5 |
۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067005.mp3
|
وَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاء الدُّنْيَا بِمَصَابِيحَ وَجَعَلْنَاهَا رُجُومًا لِّلشَّيَاطِينِ وَأَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيرِ |
6 |
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067006.mp3
|
وَلِلَّذِينَ كَفَرُوا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ |
7 |
جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067007.mp3
|
إِذَا أُلْقُوا فِيهَا سَمِعُوا لَهَا شَهِيقًا وَهِيَ تَفُورُ |
8 |
جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067008.mp3
|
تَكَادُ تَمَيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ كُلَّمَا أُلْقِيَ فِيهَا فَوْجٌ سَأَلَهُمْ خَزَنَتُهَا أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَذِيرٌ |
9 |
چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067009.mp3
|
قَالُوا بَلَى قَدْ جَاءنَا نَذِيرٌ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا فِي ضَلَالٍ كَبِيرٍ |
10 |
۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067010.mp3
|
وَقَالُوا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ أَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِي أَصْحَابِ السَّعِيرِ |
11 |
پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067011.mp3
|
فَاعْتَرَفُوا بِذَنبِهِمْ فَسُحْقًا لِّأَصْحَابِ السَّعِيرِ |
12 |
بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067012.mp3
|
إِنَّ الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِالْغَيْبِ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ |
13 |
۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067013.mp3
|
وَأَسِرُّوا قَوْلَكُمْ أَوِ اجْهَرُوا بِهِ إِنَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ |
14 |
جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067014.mp3
|
أَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ وَهُوَ اللَّطِيفُ الْخَبِيرُ |
15 |
(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067015.mp3
|
هُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ ذَلُولًا فَامْشُوا فِي مَنَاكِبِهَا وَكُلُوا مِن رِّزْقِهِ وَإِلَيْهِ النُّشُورُ |
16 |
(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067016.mp3
|
أَأَمِنتُم مَّن فِي السَّمَاء أَن يَخْسِفَ بِكُمُ الأَرْضَ فَإِذَا هِيَ تَمُورُ |
17 |
(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067017.mp3
|
أَمْ أَمِنتُم مَّن فِي السَّمَاء أَن يُرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا فَسَتَعْلَمُونَ كَيْفَ نَذِيرِ |
18 |
۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067018.mp3
|
وَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ |
19 |
پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067019.mp3
|
أَوَلَمْ يَرَوْا إِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَافَّاتٍ وَيَقْبِضْنَ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحْمَنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ بَصِيرٌ |
20 |
اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067020.mp3
|
أَمَّنْ هَذَا الَّذِي هُوَ جُندٌ لَّكُمْ يَنصُرُكُم مِّن دُونِ الرَّحْمَنِ إِنِ الْكَافِرُونَ إِلَّا فِي غُرُورٍ |
21 |
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067021.mp3
|
أَمَّنْ هَذَا الَّذِي يَرْزُقُكُمْ إِنْ أَمْسَكَ رِزْقَهُ بَل لَّجُّوا فِي عُتُوٍّ وَنُفُورٍ |
22 |
ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067022.mp3
|
أَفَمَن يَمْشِي مُكِبًّا عَلَى وَجْهِهِ أَهْدَى أَمَّن يَمْشِي سَوِيًّا عَلَى صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ |
23 |
چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067023.mp3
|
قُلْ هُوَ الَّذِي أَنشَأَكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ |
24 |
چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067024.mp3
|
قُلْ هُوَ الَّذِي ذَرَأَكُمْ فِي الْأَرْضِ وَإِلَيْهِ تُحْشَرُونَ |
25 |
۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067025.mp3
|
وَيَقُولُونَ مَتَى هَذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ |
26 |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067026.mp3
|
قُلْ إِنَّمَا الْعِلْمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّمَا أَنَا نَذِيرٌ مُّبِينٌ |
27 |
۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067027.mp3
|
فَلَمَّا رَأَوْهُ زُلْفَةً سِيئَتْ وُجُوهُ الَّذِينَ كَفَرُوا وَقِيلَ هَذَا الَّذِي كُنتُم بِهِ تَدَّعُونَ |
28 |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067028.mp3
|
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ أَهْلَكَنِيَ اللَّهُ وَمَن مَّعِيَ أَوْ رَحِمَنَا فَمَن يُجِيرُ الْكَافِرِينَ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ |
29 |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي. |
/content/ayah/audio/hudhaify/067029.mp3
|
قُلْ هُوَ الرَّحْمَنُ آمَنَّا بِهِ وَعَلَيْهِ تَوَكَّلْنَا فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ هُوَ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ |
30 |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟ |
/content/ayah/audio/hudhaify/067030.mp3
|
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ أَصْبَحَ مَاؤُكُمْ غَوْرًا فَمَن يَأْتِيكُم بِمَاء مَّعِينٍ |