As-Saffat

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. وَالصَّافَّاتِ صَفًّا
2 پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. فَالزَّاجِرَاتِ زَجْرًا
3 پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي. فَالتَّالِيَاتِ ذِكْرًا
4 ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي. إِنَّ إِلَهَكُمْ لَوَاحِدٌ
5 (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي. رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ
6 بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو. إِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاء الدُّنْيَا بِزِينَةٍ الْكَوَاكِبِ
7 ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون. وَحِفْظًا مِّن كُلِّ شَيْطَانٍ مَّارِدٍ
8 ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن. لَا يَسَّمَّعُونَ إِلَى الْمَلَإِ الْأَعْلَى وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ
9 (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي. دُحُورًا وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ
10 پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي. إِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُ شِهَابٌ ثَاقِبٌ
11 پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو. فَاسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَم مَّنْ خَلَقْنَا إِنَّا خَلَقْنَاهُم مِّن طِينٍ لَّازِبٍ
12 بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن. بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ
13 ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن. وَإِذَا ذُكِّرُوا لَا يَذْكُرُونَ
14 ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن. وَإِذَا رَأَوْا آيَةً يَسْتَسْخِرُونَ
15 ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي. وَقَالُوا إِنْ هَذَا إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
16 ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَئِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
17 اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟ أَوَآبَاؤُنَا الْأَوَّلُونَ
18 چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ. قُلْ نَعَمْ وَأَنتُمْ دَاخِرُونَ
19 پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا. فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ
20 ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي. وَقَالُوا يَا وَيْلَنَا هَذَا يَوْمُ الدِّينِ
21 (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي. هَذَا يَوْمُ الْفَصْلِ الَّذِي كُنتُمْ بِهِ تُكَذِّبُونَ
22 (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا احْشُرُوا الَّذِينَ ظَلَمُوا وَأَزْوَاجَهُمْ وَمَا كَانُوا يَعْبُدُونَ
23 تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو. مِن دُونِ اللَّهِ فَاهْدُوهُمْ إِلَى صِرَاطِ الْجَحِيمِ
24 ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو. وَقِفُوهُمْ إِنَّهُم مَّسْئُولُونَ
25 (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟ مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُونَ
26 بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن. بَلْ هُمُ الْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ
27 ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ
28 (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ. قَالُوا إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ الْيَمِينِ
29 (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ. قَالُوا بَل لَّمْ تَكُونُوا مُؤْمِنِينَ
30 ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ. وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُم مِّن سُلْطَانٍ بَلْ كُنتُمْ قَوْمًا طَاغِينَ
31 پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون. فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَا إِنَّا لَذَائِقُونَ
32 پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون. فَأَغْوَيْنَاكُمْ إِنَّا كُنَّا غَاوِينَ
33 پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا. فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِي الْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ
34 بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون. إِنَّا كَذَلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِينَ
35 بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا. إِنَّهُمْ كَانُوا إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
36 ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟ وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوا آلِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُونٍ
37 بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين. بَلْ جَاء بِالْحَقِّ وَصَدَّقَ الْمُرْسَلِينَ
38 بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو. إِنَّكُمْ لَذَائِقُو الْعَذَابِ الْأَلِيمِ
39 ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ. وَمَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
40 پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا). إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
41 اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي. أُوْلَئِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُومٌ
42 (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن. فَوَاكِهُ وَهُم مُّكْرَمُونَ
43 نعمت وارن باغن ۾. فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ
44 تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا. عَلَى سُرُرٍ مُّتَقَابِلِينَ
45 وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو. يُطَافُ عَلَيْهِم بِكَأْسٍ مِن مَّعِينٍ
46 جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو. بَيْضَاء لَذَّةٍ لِّلشَّارِبِينَ
47 نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا. لَا فِيهَا غَوْلٌ وَلَا هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ
48 ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون. وَعِنْدَهُمْ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ عِينٌ
49 ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن. كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَّكْنُونٌ
50 پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ
51 منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو. قَالَ قَائِلٌ مِّنْهُمْ إِنِّي كَانَ لِي قَرِينٌ
52 جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟ يَقُولُ أَئِنَّكَ لَمِنْ الْمُصَدِّقِينَ
53 ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَئِنَّا لَمَدِينُونَ
54 (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟ قَالَ هَلْ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
55 پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. فَاطَّلَعَ فَرَآهُ فِي سَوَاء الْجَحِيمِ
56 چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو. قَالَ تَاللَّهِ إِنْ كِدتَّ لَتُرْدِينِ
57 ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا. وَلَوْلَا نِعْمَةُ رَبِّي لَكُنتُ مِنَ الْمُحْضَرِينَ
58 بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون. أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ
59 (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون. إِلَّا مَوْتَتَنَا الْأُولَى وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
60 بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
61 اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن. لِمِثْلِ هَذَا فَلْيَعْمَلْ الْعَامِلُونَ
62 ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟ أَذَلِكَ خَيْرٌ نُّزُلًا أَمْ شَجَرَةُ الزَّقُّومِ
63 بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي. إِنَّا جَعَلْنَاهَا فِتْنَةً لِّلظَّالِمِينَ
64 بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي. إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِي أَصْلِ الْجَحِيمِ
65 اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن. طَلْعُهَا كَأَنَّهُ رُؤُوسُ الشَّيَاطِينِ
66 پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا. فَإِنَّهُمْ لَآكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِؤُونَ مِنْهَا الْبُطُونَ
67 وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي. ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِيمٍ
68 وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو. ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى الْجَحِيمِ
69 بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو. إِنَّهُمْ أَلْفَوْا آبَاءهُمْ ضَالِّينَ
70 تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا. فَهُمْ عَلَى آثَارِهِمْ يُهْرَعُونَ
71 ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا. وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ الْأَوَّلِينَ
72 ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون. وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
73 پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟ فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُنذَرِينَ
74 پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي). إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
75 ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون. وَلَقَدْ نَادَانَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ الْمُجِيبُونَ
76 ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون. وَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ
77 ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون. وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُ هُمْ الْبَاقِينَ
78 ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون. وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
79 ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي. سَلَامٌ عَلَى نُوحٍ فِي الْعَالَمِينَ
80 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
81 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
82 وري ٻـين کي ٻوڙيوسون. ثُمَّ أَغْرَقْنَا الْآخَرِينَ
83 ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو. وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِ لَإِبْرَاهِيمَ
84 (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو. إِذْ جَاء رَبَّهُ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
85 (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَاذَا تَعْبُدُونَ
86 الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟ أَئِفْكًا آلِهَةً دُونَ اللَّهِ تُرِيدُونَ
87 پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟ فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
88 پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين. فَنَظَرَ نَظْرَةً فِي النُّجُومِ
89 پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس. فَقَالَ إِنِّي سَقِيمٌ
90 پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا. فَتَوَلَّوْا عَنْهُ مُدْبِرِينَ
91 پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟ فَرَاغَ إِلَى آلِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
92 اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟ مَا لَكُمْ لَا تَنطِقُونَ
93 پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو. فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبًا بِالْيَمِينِ
94 پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا. فَأَقْبَلُوا إِلَيْهِ يَزِفُّونَ
95 (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟ قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ
96 ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو. وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
97 (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو. قَالُوا ابْنُوا لَهُ بُنْيَانًا فَأَلْقُوهُ فِي الْجَحِيمِ
98 پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون. فَأَرَادُوا بِهِ كَيْدًا فَجَعَلْنَاهُمُ الْأَسْفَلِينَ
99 ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي). وَقَالَ إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَى رَبِّي سَيَهْدِينِ
100 اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر. رَبِّ هَبْ لِي مِنَ الصَّالِحِينَ
101 پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون. فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلَامٍ حَلِيمٍ
102 پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين. فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْيَ قَالَ يَا بُنَيَّ إِنِّي أَرَى فِي الْمَنَامِ أَنِّي أَذْبَحُكَ فَانظُرْ مَاذَا تَرَى قَالَ يَا أَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِي إِن شَاء اللَّهُ مِنَ الصَّابِرِينَ
103 پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. فَلَمَّا أَسْلَمَا وَتَلَّهُ لِلْجَبِينِ
104 ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم. وَنَادَيْنَاهُ أَنْ يَا إِبْرَاهِيمُ
105 بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. قَدْ صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
106 بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي. إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْبَلَاء الْمُبِينُ
107 ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون. وَفَدَيْنَاهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ
108 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
109 ابراھيم تي شال سلام ھجي. سَلَامٌ عَلَى إِبْرَاهِيمَ
110 ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
111 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
112 ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي. وَبَشَّرْنَاهُ بِإِسْحَاقَ نَبِيًّا مِّنَ الصَّالِحِينَ
113 ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن. وَبَارَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَى إِسْحَاقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِمٌ لِّنَفْسِهِ مُبِينٌ
114 ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون. وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ
115 ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون. وَنَجَّيْنَاهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ
116 ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا. وَنَصَرْنَاهُمْ فَكَانُوا هُمُ الْغَالِبِينَ
117 ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون. وَآتَيْنَاهُمَا الْكِتَابَ الْمُسْتَبِينَ
118 ۽ کين سِڌي رستي لاتوسون. وَهَدَيْنَاهُمَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ
119 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون. وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِي الْآخِرِينَ
120 مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي. سَلَامٌ عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ
121 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون. إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
122 بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن. إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
123 ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو. وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنْ الْمُرْسَلِينَ
124 جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَلَا تَتَّقُونَ
125 ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟ أَتَدْعُونَ بَعْلًا وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ الْخَالِقِينَ
126 (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي. وَاللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ
127 پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن. فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
128 پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن). إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
129 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
130 الياس تي شال سلام ھجي. سَلَامٌ عَلَى إِلْ يَاسِينَ
131 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
132 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي. إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
133 ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو. وَإِنَّ لُوطًا لَّمِنَ الْمُرْسَلِينَ
134 (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون. إِذْ نَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ أَجْمَعِينَ
135 سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي. إِلَّا عَجُوزًا فِي الْغَابِرِينَ
136 وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون. ثُمَّ دَمَّرْنَا الْآخَرِينَ
137 ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو. وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِم مُّصْبِحِينَ
138 ۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ وَبِاللَّيْلِ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
139 ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو. وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ
140 جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو. إِذْ أَبَقَ إِلَى الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ
141 پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو. فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنْ الْمُدْحَضِينَ
142 پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو. فَالْتَقَمَهُ الْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ
143 پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا. فَلَوْلَا أَنَّهُ كَانَ مِنْ الْمُسَبِّحِينَ
144 ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا. لَلَبِثَ فِي بَطْنِهِ إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ
145 پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو. فَنَبَذْنَاهُ بِالْعَرَاء وَهُوَ سَقِيمٌ
146 ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون. وَأَنبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَةً مِّن يَقْطِينٍ
147 ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون. وَأَرْسَلْنَاهُ إِلَى مِئَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ
148 پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون. فَآمَنُوا فَمَتَّعْنَاهُمْ إِلَى حِينٍ
149 پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ فَاسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَهُمُ الْبَنُونَ
150 يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا. أَمْ خَلَقْنَا الْمَلَائِكَةَ إِنَاثًا وَهُمْ شَاهِدُونَ
151 خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن. أَلَا إِنَّهُم مِّنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ
152 ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن. وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
153 پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟ أَصْطَفَى الْبَنَاتِ عَلَى الْبَنِينَ
154 اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟ مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
155 (اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
156 يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟ أَمْ لَكُمْ سُلْطَانٌ مُّبِينٌ
157 جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو. فَأْتُوا بِكِتَابِكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
158 ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. وَجَعَلُوا بَيْنَهُ وَبَيْنَ الْجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَدْ عَلِمَتِ الْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
159 (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
160 پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي). إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
161 پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو. فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ
162 اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو. مَا أَنتُمْ عَلَيْهِ بِفَاتِنِينَ
163 پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي. إِلَّا مَنْ هُوَ صَالِ الْجَحِيمِ
164 ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي. وَمَا مِنَّا إِلَّا لَهُ مَقَامٌ مَّعْلُومٌ
165 ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون. وَإِنَّا لَنَحْنُ الصَّافُّونَ
166 ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون. وَإِنَّا لَنَحْنُ الْمُسَبِّحُونَ
167 ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا. وَإِنْ كَانُوا لَيَقُولُونَ
168 ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا. لَوْ أَنَّ عِندَنَا ذِكْرًا مِّنْ الْأَوَّلِينَ
169 ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا. لَكُنَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
170 وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا. فَكَفَرُوا بِهِ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
171 ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو.. وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِينَ
172 ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن. إِنَّهُمْ لَهُمُ الْمَنصُورُونَ
173 ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي. وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ الْغَالِبُونَ
174 پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ. فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ
175 ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا. وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
176 (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟ أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
177 پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو. فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَاء صَبَاحُ الْمُنذَرِينَ
178 ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ. وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ
179 ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا. وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
180 تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي. سُبْحَانَ رَبِّكَ رَبِّ الْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
181 ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي. وَسَلَامٌ عَلَى الْمُرْسَلِينَ
182 ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي. وَالْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
;