Ash-Shu'araa

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 طٰسٓمّٓ. طسم
2 ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن. تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ الْمُبِينِ
3 متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين. لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ أَلَّا يَكُونُوا مُؤْمِنِينَ
4 جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين. إِن نَّشَأْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِم مِّن السَّمَاء آيَةً فَظَلَّتْ أَعْنَاقُهُمْ لَهَا خَاضِعِينَ
5 ۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن. وَمَا يَأْتِيهِم مِّن ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمَنِ مُحْدَثٍ إِلَّا كَانُوا عَنْهُ مُعْرِضِينَ
6 پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا. فَقَدْ كَذَّبُوا فَسَيَأْتِيهِمْ أَنبَاء مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُون
7 زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟ أَوَلَمْ يَرَوْا إِلَى الْأَرْضِ كَمْ أَنبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍ كَرِيمٍ
8 بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
9 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
10 ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ. وَإِذْ نَادَى رَبُّكَ مُوسَى أَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
11 جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟ قَوْمَ فِرْعَوْنَ أَلَا يَتَّقُونَ
12 مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين. قَالَ رَبِّ إِنِّي أَخَافُ أَن يُكَذِّبُونِ
13 ۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل. وَيَضِيقُ صَدْرِي وَلَا يَنطَلِقُ لِسَانِي فَأَرْسِلْ إِلَى هَارُونَ
14 ۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين. وَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنبٌ فَأَخَافُ أَن يَقْتُلُونِ
15 (الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون. قَالَ كَلَّا فَاذْهَبَا بِآيَاتِنَا إِنَّا مَعَكُم مُّسْتَمِعُونَ
16 تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون. فَأْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُولَا إِنَّا رَسُولُ رَبِّ الْعَالَمِينَ
17 ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل. أَنْ أَرْسِلْ مَعَنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ
18 فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي. قَالَ أَلَمْ نُرَبِّكَ فِينَا وَلِيدًا وَلَبِثْتَ فِينَا مِنْ عُمُرِكَ سِنِينَ
19 ۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين. وَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِي فَعَلْتَ وَأَنتَ مِنَ الْكَافِرِينَ
20 (موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس. قَالَ فَعَلْتُهَا إِذًا وَأَنَا مِنَ الضَّالِّينَ
21 پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين. فَفَرَرْتُ مِنكُمْ لَمَّا خِفْتُكُمْ فَوَهَبَ لِي رَبِّي حُكْمًا وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُرْسَلِينَ
22 ۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي. وَتِلْكَ نِعْمَةٌ تَمُنُّهَا عَلَيَّ أَنْ عَبَّدتَّ بَنِي إِسْرَائِيلَ
23 فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟ قَالَ فِرْعَوْنُ وَمَا رَبُّ الْعَالَمِينَ
24 (موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو. قَالَ رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا إن كُنتُم مُّوقِنِينَ
25 (فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟ قَالَ لِمَنْ حَوْلَهُ أَلَا تَسْتَمِعُونَ
26 (مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي. قَالَ رَبُّكُمْ وَرَبُّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ
27 (فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي. قَالَ إِنَّ رَسُولَكُمُ الَّذِي أُرْسِلَ إِلَيْكُمْ لَمَجْنُونٌ
28 (مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي). قَالَ رَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَمَا بَيْنَهُمَا إِن كُنتُمْ تَعْقِلُونَ
29 (فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس. قَالَ لَئِنِ اتَّخَذْتَ إِلَهًا غَيْرِي لَأَجْعَلَنَّكَ مِنَ الْمَسْجُونِينَ
30 (مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟ قَالَ أَوَلَوْ جِئْتُكَ بِشَيْءٍ مُّبِينٍ
31 (فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ. قَالَ فَأْتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
32 پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي. فَأَلْقَى عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ ثُعْبَانٌ مُّبِينٌ
33 ۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو. وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذَا هِيَ بَيْضَاء لِلنَّاظِرِينَ
34 (فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي. قَالَ لِلْمَلَإِ حَوْلَهُ إِنَّ هَذَا لَسَاحِرٌ عَلِيمٌ
35 (ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟ يُرِيدُ أَن يُخْرِجَكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ
36 چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل. قَالُوا أَرْجِهِ وَأَخَاهُ وَابْعَثْ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
37 ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين. يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَحَّارٍ عَلِيمٍ
38 پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا. فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِمِيقَاتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
39 ۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟ وَقِيلَ لِلنَّاسِ هَلْ أَنتُم مُّجْتَمِعُونَ
40 جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون. لَعَلَّنَا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كَانُوا هُمُ الْغَالِبِينَ
41 پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!). فَلَمَّا جَاء السَّحَرَةُ قَالُوا لِفِرْعَوْنَ أَئِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِن كُنَّا نَحْنُ الْغَالِبِينَ
42 (فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ. قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ إِذًا لَّمِنَ الْمُقَرَّبِينَ
43 کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو. قَالَ لَهُم مُّوسَى أَلْقُوا مَا أَنتُم مُّلْقُونَ
44 پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون. فَأَلْقَوْا حِبَالَهُمْ وَعِصِيَّهُمْ وَقَالُوا بِعِزَّةِ فِرْعَوْنَ إِنَّا لَنَحْنُ الْغَالِبُونَ
45 پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي. فَأَلْقَى مُوسَى عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ
46 پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا. فَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سَاجِدِينَ
47 چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون. قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
48 (جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي. رَبِّ مُوسَى وَهَارُونَ
49 (فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس. قَالَ آمَنتُمْ لَهُ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ إِنَّهُ لَكَبِيرُكُمُ الَّذِي عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ فَلَسَوْفَ تَعْلَمُونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَافٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ
50 چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون. قَالُوا لَا ضَيْرَ إِنَّا إِلَى رَبِّنَا مُنقَلِبُونَ
51 بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون. إِنَّا نَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لَنَا رَبُّنَا خَطَايَانَا أَن كُنَّا أَوَّلَ الْمُؤْمِنِينَ
52 ۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا. وَأَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ
53 پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا. فَأَرْسَلَ فِرْعَوْنُ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
54 (چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن. إِنَّ هَؤُلَاء لَشِرْذِمَةٌ قَلِيلُونَ
55 ۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي. وَإِنَّهُمْ لَنَا لَغَائِظُونَ
56 ۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون. وَإِنَّا لَجَمِيعٌ حَاذِرُونَ
57 (الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون. فَأَخْرَجْنَاهُم مِّن جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
58 ۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به). وَكُنُوزٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ
59 اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون. كَذَلِكَ وَأَوْرَثْنَاهَا بَنِي إِسْرَائِيلَ
60 پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا. فَأَتْبَعُوهُم مُّشْرِقِينَ
61 پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا. فَلَمَّا تَرَاءى الْجَمْعَانِ قَالَ أَصْحَابُ مُوسَى إِنَّا لَمُدْرَكُونَ
62 (موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو. قَالَ كَلَّا إِنَّ مَعِيَ رَبِّي سَيَهْدِينِ
63 پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو. فَأَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنِ اضْرِب بِّعَصَاكَ الْبَحْرَ فَانفَلَقَ فَكَانَ كُلُّ فِرْقٍ كَالطَّوْدِ الْعَظِيمِ
64 ۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون. وَأَزْلَفْنَا ثَمَّ الْآخَرِينَ
65 ۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين. وَأَنجَيْنَا مُوسَى وَمَن مَّعَهُ أَجْمَعِينَ
66 وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون. ثُمَّ أَغْرَقْنَا الْآخَرِينَ
67 بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
68 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
69 ۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ. وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ إِبْرَاهِيمَ
70 جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَا تَعْبُدُونَ
71 چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون. قَالُوا نَعْبُدُ أَصْنَامًا فَنَظَلُّ لَهَا عَاكِفِينَ
72 (ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟ قَالَ هَلْ يَسْمَعُونَكُمْ إِذْ تَدْعُونَ
73 يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟ أَوْ يَنفَعُونَكُمْ أَوْ يَضُرُّونَ
74 چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون. قَالُوا بَلْ وَجَدْنَا آبَاءنَا كَذَلِكَ يَفْعَلُونَ
75 (ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟ قَالَ أَفَرَأَيْتُم مَّا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ
76 اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا. أَنتُمْ وَآبَاؤُكُمُ الْأَقْدَمُونَ
77 بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن. فَإِنَّهُمْ عَدُوٌّ لِّي إِلَّا رَبَّ الْعَالَمِينَ
78 جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. الَّذِي خَلَقَنِي فَهُوَ يَهْدِينِ
79 ۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي. وَالَّذِي هُوَ يُطْعِمُنِي وَيَسْقِينِ
80 ۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي. وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ
81 ۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو. وَالَّذِي يُمِيتُنِي ثُمَّ يُحْيِينِ
82 ۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو. وَالَّذِي أَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لِي خَطِيئَتِي يَوْمَ الدِّينِ
83 اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر. رَبِّ هَبْ لِي حُكْمًا وَأَلْحِقْنِي بِالصَّالِحِينَ
84 ۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر. وَاجْعَل لِّي لِسَانَ صِدْقٍ فِي الْآخِرِينَ
85 ۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر. وَاجْعَلْنِي مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعِيمِ
86 ۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي. وَاغْفِرْ لِأَبِي إِنَّهُ كَانَ مِنَ الضَّالِّينَ
87 ۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج. وَلَا تُخْزِنِي يَوْمَ يُبْعَثُونَ
88 جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا. يَوْمَ لَا يَنفَعُ مَالٌ وَلَا بَنُونَ
89 پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو. إِلَّا مَنْ أَتَى اللَّهَ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
90 ۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو. وَأُزْلِفَتِ الْجَنَّةُ لِلْمُتَّقِينَ
91 ۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو. وَبُرِّزَتِ الْجَحِيمُ لِلْغَاوِينَ
92 ۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ. وَقِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ
93 الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا. مِن دُونِ اللَّهِ هَلْ يَنصُرُونَكُمْ أَوْ يَنتَصِرُونَ
94 پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا. فَكُبْكِبُوا فِيهَا هُمْ وَالْغَاوُونَ
95 ۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا). وَجُنُودُ إِبْلِيسَ أَجْمَعُونَ
96 ۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا. قَالُوا وَهُمْ فِيهَا يَخْتَصِمُونَ
97 ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون. تَاللَّهِ إِن كُنَّا لَفِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ
98 جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون. إِذْ نُسَوِّيكُم بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
99 ۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو. وَمَا أَضَلَّنَا إِلَّا الْمُجْرِمُونَ
100 پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي. فَمَا لَنَا مِن شَافِعِينَ
101 ۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي. وَلَا صَدِيقٍ حَمِيمٍ
102 پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون. فَلَوْ أَنَّ لَنَا كَرَّةً فَنَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
103 بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
104 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
105 نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو. كَذَّبَتْ قَوْمُ نُوحٍ الْمُرْسَلِينَ
106 جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو. إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ نُوحٌ أَلَا تَتَّقُونَ
107 بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان. إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
108 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
109 ۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي. وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
110 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
111 چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي. قَالُوا أَنُؤْمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الْأَرْذَلُونَ
112 (نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن. قَالَ وَمَا عِلْمِي بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
113 جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي. إِنْ حِسَابُهُمْ إِلَّا عَلَى رَبِّي لَوْ تَشْعُرُونَ
114 ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان. وَمَا أَنَا بِطَارِدِ الْمُؤْمِنِينَ
115 آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. إِنْ أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
116 چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين. قَالُوا لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَا نُوحُ لَتَكُونَنَّ مِنَ الْمَرْجُومِينَ
117 (نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو. قَالَ رَبِّ إِنَّ قَوْمِي كَذَّبُونِ
118 تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ. فَافْتَحْ بَيْنِي وَبَيْنَهُمْ فَتْحًا وَنَجِّنِي وَمَن مَّعِي مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
119 پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون. فَأَنجَيْنَاهُ وَمَن مَّعَهُ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ
120 وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون. ثُمَّ أَغْرَقْنَا بَعْدُ الْبَاقِينَ
121 بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
122 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
123 عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو. كَذَّبَتْ عَادٌ الْمُرْسَلِينَ
124 جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ هُودٌ أَلَا تَتَّقُونَ
125 بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان. إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
126 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
127 ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي. وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
128 سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟ أَتَبْنُونَ بِكُلِّ رِيعٍ آيَةً تَعْبَثُونَ
129 ۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ. وَتَتَّخِذُونَ مَصَانِعَ لَعَلَّكُمْ تَخْلُدُونَ
130 ۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو. وَإِذَا بَطَشْتُم بَطَشْتُمْ جَبَّارِينَ
131 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
132 ۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو. وَاتَّقُوا الَّذِي أَمَدَّكُم بِمَا تَعْلَمُونَ
133 اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس. أَمَدَّكُم بِأَنْعَامٍ وَبَنِينَ
134 ۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به. وَجَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
135 بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
136 چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين. قَالُوا سَوَاء عَلَيْنَا أَوَعَظْتَ أَمْ لَمْ تَكُن مِّنَ الْوَاعِظِينَ
137 اِھا اڳين جي ئي عادت آھي. إِنْ هَذَا إِلَّا خُلُقُ الْأَوَّلِينَ
138 ۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون. وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
139 پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. فَكَذَّبُوهُ فَأَهْلَكْنَاهُمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
140 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
141 ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو. كَذَّبَتْ ثَمُودُ الْمُرْسَلِينَ
142 جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ صَالِحٌ أَلَا تَتَّقُونَ
143 بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان. إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
144 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
145 ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي. وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
146 اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو)؟ أَتُتْرَكُونَ فِي مَا هَاهُنَا آمِنِينَ
147 باغن ۽ چشمن ۾. فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
148 ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن. وَزُرُوعٍ وَنَخْلٍ طَلْعُهَا هَضِيمٌ
149 ۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو. وَتَنْحِتُونَ مِنَ الْجِبَالِ بُيُوتًا فَارِهِينَ
150 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
151 ۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو. وَلَا تُطِيعُوا أَمْرَ الْمُسْرِفِينَ
152 جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن. الَّذِينَ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
153 چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين. قَالُوا إِنَّمَا أَنتَ مِنَ الْمُسَحَّرِينَ
154 تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ. مَا أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا فَأْتِ بِآيَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
155 (صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي. قَالَ هَذِهِ نَاقَةٌ لَّهَا شِرْبٌ وَلَكُمْ شِرْبُ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
156 ۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو. وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابُ يَوْمٍ عَظِيمٍ
157 پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا. فَعَقَرُوهَا فَأَصْبَحُوا نَادِمِينَ
158 پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. فَأَخَذَهُمُ الْعَذَابُ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
159 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
160 لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو. كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍ الْمُرْسَلِينَ
161 جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ لُوطٌ أَلَا تَتَّقُونَ
162 بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان. إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
163 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
164 ۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي. وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
165 جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟ أَتَأْتُونَ الذُّكْرَانَ مِنَ الْعَالَمِينَ
166 ۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو. وَتَذَرُونَ مَا خَلَقَ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِنْ أَزْوَاجِكُم بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ عَادُونَ
167 چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين. قَالُوا لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَا لُوطُ لَتَكُونَنَّ مِنَ الْمُخْرَجِينَ
168 لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان. قَالَ إِنِّي لِعَمَلِكُم مِّنَ الْقَالِينَ
169 اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ. رَبِّ نَجِّنِي وَأَهْلِي مِمَّا يَعْمَلُونَ
170 پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون. فَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ أَجْمَعِينَ
171 سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي. إِلَّا عَجُوزًا فِي الْغَابِرِينَ
172 وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون. ثُمَّ دَمَّرْنَا الْآخَرِينَ
173 ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي. وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَسَاء مَطَرُ الْمُنذَرِينَ
174 بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
175 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
176 (شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو. كَذَّبَ أَصْحَابُ الْأَيْكَةِ الْمُرْسَلِينَ
177 جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟ إِذْ قَالَ لَهُمْ شُعَيْبٌ أَلَا تَتَّقُونَ
178 بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان. إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
179 پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
180 بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي. وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
181 ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو. أَوْفُوا الْكَيْلَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُخْسِرِينَ
182 ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو. وَزِنُوا بِالْقِسْطَاسِ الْمُسْتَقِيمِ
183 ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو. وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ أَشْيَاءهُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
184 ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو. وَاتَّقُوا الَّذِي خَلَقَكُمْ وَالْجِبِلَّةَ الْأَوَّلِينَ
185 چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين. قَالُوا إِنَّمَا أَنتَ مِنَ الْمُسَحَّرِينَ
186 ۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون. وَمَا أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا وَإِن نَّظُنُّكَ لَمِنَ الْكَاذِبِينَ
187 جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ. فَأَسْقِطْ عَلَيْنَا كِسَفًا مِّنَ السَّمَاء إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
188 (شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. قَالَ رَبِّي أَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُونَ
189 پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو. فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمْ عَذَابُ يَوْمِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كَانَ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
190 بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
191 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
192 ۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي. وَإِنَّهُ لَتَنزِيلُ رَبِّ الْعَالَمِينَ
193 اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو. نَزَلَ بِهِ الرُّوحُ الْأَمِينُ
194 تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين. عَلَى قَلْبِكَ لِتَكُونَ مِنَ الْمُنذِرِينَ
195 (جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي. بِلِسَانٍ عَرَبِيٍّ مُّبِينٍ
196 ۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي. وَإِنَّهُ لَفِي زُبُرِ الْأَوَّلِينَ
197 اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا. أَوَلَمْ يَكُن لَّهُمْ آيَةً أَن يَعْلَمَهُ عُلَمَاء بَنِي إِسْرَائِيلَ
198 ۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا. وَلَوْ نَزَّلْنَاهُ عَلَى بَعْضِ الْأَعْجَمِينَ
199 پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا. فَقَرَأَهُ عَلَيْهِم مَّا كَانُوا بِهِ مُؤْمِنِينَ
200 اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون. كَذَلِكَ سَلَكْنَاهُ فِي قُلُوبِ الْمُجْرِمِينَ
201 اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا. لَا يُؤْمِنُونَ بِهِ حَتَّى يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
202 پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا. فَيَأْتِيَهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
203 پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟ فَيَقُولُوا هَلْ نَحْنُ مُنظَرُونَ
204 پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟ أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
205 ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون. أَفَرَأَيْتَ إِن مَّتَّعْنَاهُمْ سِنِينَ
206 وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين. ثُمَّ جَاءهُم مَّا كَانُوا يُوعَدُونَ
207 ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو. مَا أَغْنَى عَنْهُم مَّا كَانُوا يُمَتَّعُونَ
208 ۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا. وَمَا أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلَّا لَهَا مُنذِرُونَ
209 نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون. ذِكْرَى وَمَا كُنَّا ظَالِمِينَ
210 ۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي. وَمَا تَنَزَّلَتْ بِهِ الشَّيَاطِينُ
211 ۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن. وَمَا يَنبَغِي لَهُمْ وَمَا يَسْتَطِيعُونَ
212 بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن. إِنَّهُمْ عَنِ السَّمْعِ لَمَعْزُولُونَ
213 تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين. فَلَا تَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَهًا آخَرَ فَتَكُونَ مِنَ الْمُعَذَّبِينَ
214 ۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار. وَأَنذِرْ عَشِيرَتَكَ الْأَقْرَبِينَ
215 ۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر). وَاخْفِضْ جَنَاحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
216 پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان. فَإِنْ عَصَوْكَ فَقُلْ إِنِّي بَرِيءٌ مِّمَّا تَعْمَلُونَ
217 ۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر. وَتَوَكَّلْ عَلَى الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ
218 جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو. الَّذِي يَرَاكَ حِينَ تَقُومُ
219 ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو. وَتَقَلُّبَكَ فِي السَّاجِدِينَ
220 بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
221 اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟ هَلْ أُنَبِّئُكُمْ عَلَى مَن تَنَزَّلُ الشَّيَاطِينُ
222 سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن. تَنَزَّلُ عَلَى كُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
223 جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن. يُلْقُونَ السَّمْعَ وَأَكْثَرُهُمْ كَاذِبُونَ
224 ۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن. وَالشُّعَرَاء يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوُونَ
225 نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن. أَلَمْ تَرَ أَنَّهُمْ فِي كُلِّ وَادٍ يَهِيمُونَ
226 ۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن. وَأَنَّهُمْ يَقُولُونَ مَا لَا يَفْعَلُونَ
227 پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا. إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثِيراً وَانتَصَرُوا مِن بَعْدِ مَا ظُلِمُوا وَسَيَعْلَمُ الَّذِينَ ظَلَمُوا أَيَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبُونَ
;