Ta-ha

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 طٰہٰ. طه
2 توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين. مَا أَنزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ لِتَشْقَى
3 پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون). إِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَن يَخْشَى
4 اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي. تَنزِيلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْأَرْضَ وَالسَّمَاوَاتِ الْعُلَى
5 (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي. الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى
6 جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي. لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَحْتَ الثَّرَى
7 ۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي. وَإِن تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى
8 الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن. اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ لَهُ الْأَسْمَاء الْحُسْنَى
9 ۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟ وَهَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ مُوسَى
10 جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان. إِذْ رَأَى نَارًا فَقَالَ لِأَهْلِهِ امْكُثُوا إِنِّي آنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّي آتِيكُم مِّنْهَا بِقَبَسٍ أَوْ أَجِدُ عَلَى النَّارِ هُدًى
11 پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى. فَلَمَّا أَتَاهَا نُودِي يَا مُوسَى
12 بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين. إِنِّي أَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ إِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى
13 ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ. وَأَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوحَى
14 سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر. إِنَّنِي أَنَا اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدْنِي وَأَقِمِ الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
15 بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي. إِنَّ السَّاعَةَ ءاَتِيَةٌ أَكَادُ أُخْفِيهَا لِتُجْزَى كُلُّ نَفْسٍ بِمَا تَسْعَى
16 جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين. فَلاَ يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لاَ يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ فَتَرْدَى
17 ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟ وَمَا تِلْكَ بِيَمِينِكَ يَا مُوسَى
18 چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن. قَالَ هِيَ عَصَايَ أَتَوَكَّأُ عَلَيْهَا وَأَهُشُّ بِهَا عَلَى غَنَمِي وَلِيَ فِيهَا مَآرِبُ أُخْرَى
19 (الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ. قَالَ أَلْقِهَا يَا مُوسَى
20 پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي. فَأَلْقَاهَا فَإِذَا هِيَ حَيَّةٌ تَسْعَى
21 (الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون. قَالَ خُذْهَا وَلَا تَخَفْ سَنُعِيدُهَا سِيرَتَهَا الْأُولَى
22 ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي. وَاضْمُمْ يَدَكَ إِلَى جَنَاحِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاء مِنْ غَيْرِ سُوءٍ آيَةً أُخْرَى
23 ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون. لِنُرِيَكَ مِنْ آيَاتِنَا الْكُبْرَى
24 فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي. اذْهَبْ إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
25 (مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول. قَالَ رَبِّ اشْرَحْ لِي صَدْرِي
26 ۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر. وَيَسِّرْ لِي أَمْرِي
27 ۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ. وَاحْلُلْ عُقْدَةً مِّن لِّسَانِي
28 ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن. يَفْقَهُوا قَوْلِي
29 ۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر. وَاجْعَل لِّي وَزِيرًا مِّنْ أَهْلِي
30 (يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي. هَارُونَ أَخِي
31 اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر. اشْدُدْ بِهِ أَزْرِي
32 ۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر. وَأَشْرِكْهُ فِي أَمْرِي
33 ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون. كَيْ نُسَبِّحَكَ كَثِيراً
34 ۽ توکي گھڻو ياد ڪريون. وَنَذْكُرَكَ كَثِيراً
35 بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين. إِنَّكَ كُنتَ بِنَا بَصِيرًا
36 (الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو. قَالَ قَدْ أُوتِيتَ سُؤْلَكَ يَا مُوسَى
37 ۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون. وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَيْكَ مَرَّةً أُخْرَى
38 جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو. إِذْ أَوْحَيْنَا إِلَى أُمِّكَ مَا يُوحَى
39 ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن. أَنِ اقْذِفِيهِ فِي التَّابُوتِ فَاقْذِفِيهِ فِي الْيَمِّ فَلْيُلْقِهِ الْيَمُّ بِالسَّاحِلِ يَأْخُذْهُ عَدُوٌّ لِّي وَعَدُوٌّ لَّهُ وَأَلْقَيْتُ عَلَيْكَ مَحَبَّةً مِّنِّي وَلِتُصْنَعَ عَلَى عَيْنِي
40 جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين. إِذْ تَمْشِي أُخْتُكَ فَتَقُولُ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَى مَن يَكْفُلُهُ فَرَجَعْنَاكَ إِلَى أُمِّكَ كَيْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَقَتَلْتَ نَفْسًا فَنَجَّيْنَاكَ مِنَ الْغَمِّ وَفَتَنَّاكَ فُتُونًا فَلَبِثْتَ سِنِينَ فِي أَهْلِ مَدْيَنَ ثُمَّ جِئْتَ عَلَى قَدَرٍ يَا مُوسَى
41 ۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم. وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِي
42 تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو. اذْهَبْ أَنتَ وَأَخُوكَ بِآيَاتِي وَلَا تَنِيَا فِي ذِكْرِي
43 فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي. اذْهَبَا إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
44 پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي. فَقُولَا لَهُ قَوْلًا لَّيِّنًا لَّعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَوْ يَخْشَى
45 چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري. قَالَا رَبَّنَا إِنَّنَا نَخَافُ أَن يَفْرُطَ عَلَيْنَا أَوْ أَن يَطْغَى
46 (الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو. قَالَ لَا تَخَافَا إِنَّنِي مَعَكُمَا أَسْمَعُ وَأَرَى
47 پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي. فَأْتِيَاهُ فَقُولَا إِنَّا رَسُولَا رَبِّكَ فَأَرْسِلْ مَعَنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَا تُعَذِّبْهُمْ قَدْ جِئْنَاكَ بِآيَةٍ مِّن رَّبِّكَ وَالسَّلَامُ عَلَى مَنِ اتَّبَعَ الْهُدَى
48 بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي. إِنَّا قَدْ أُوحِيَ إِلَيْنَا أَنَّ الْعَذَابَ عَلَى مَن كَذَّبَ وَتَوَلَّى
49 (فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟ قَالَ فَمَن رَّبُّكُمَا يَا مُوسَى
50 (موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين. قَالَ رَبُّنَا الَّذِي أَعْطَى كُلَّ شَيْءٍ خَلْقَهُ ثُمَّ هَدَى
51 (فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟ قَالَ فَمَا بَالُ الْقُرُونِ الْأُولَى
52 (موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي. قَالَ عِلْمُهَا عِندَ رَبِّي فِي كِتَابٍ لَّا يَضِلُّ رَبِّي وَلَا يَنسَى
53 جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون. الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ مَهْدًا وَسَلَكَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّمَاء مَاء فَأَخْرَجْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِّن نَّبَاتٍ شَتَّى
54 (چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن. كُلُوا وَارْعَوْا أَنْعَامَكُمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّأُوْلِي النُّهَى
55 منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون. مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً أُخْرَى
56 ۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين. وَلَقَدْ أَرَيْنَاهُ آيَاتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَأَبَى
57 (فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟ قَالَ أَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ أَرْضِنَا بِسِحْرِكَ يَا مُوسَى
58 پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي. فَلَنَأْتِيَنَّكَ بِسِحْرٍ مِّثْلِهِ فَاجْعَلْ بَيْنَنَا وَبَيْنَكَ مَوْعِدًا لَّا نُخْلِفُهُ نَحْنُ وَلَا أَنتَ مَكَانًا سُوًى
59 چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين. قَالَ مَوْعِدُكُمْ يَوْمُ الزِّينَةِ وَأَن يُحْشَرَ النَّاسُ ضُحًى
60 پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو. فَتَوَلَّى فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَيْدَهُ ثُمَّ أَتَى
61 مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو. قَالَ لَهُم مُّوسَى وَيْلَكُمْ لَا تَفْتَرُوا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسْحِتَكُمْ بِعَذَابٍ وَقَدْ خَابَ مَنِ افْتَرَى
62 پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون. فَتَنَازَعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ وَأَسَرُّوا النَّجْوَى
63 چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن. قَالُوا إِنْ هَذَانِ لَسَاحِرَانِ يُرِيدَانِ أَن يُخْرِجَاكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِمَا وَيَذْهَبَا بِطَرِيقَتِكُمُ الْمُثْلَى
64 تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو. فَأَجْمِعُوا كَيْدَكُمْ ثُمَّ ائْتُوا صَفًّا وَقَدْ أَفْلَحَ الْيَوْمَ مَنِ اسْتَعْلَى
65 چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون. قَالُوا يَا مُوسَى إِمَّا أَن تُلْقِيَ وَإِمَّا أَن نَّكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَلْقَى
66 (مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون. قَالَ بَلْ أَلْقُوا فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِن سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَى
67 پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو. فَأَوْجَسَ فِي نَفْسِهِ خِيفَةً مُّوسَى
68 چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين. قُلْنَا لَا تَخَفْ إِنَّكَ أَنتَ الْأَعْلَى
69 ۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو. وَأَلْقِ مَا فِي يَمِينِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوا إِنَّمَا صَنَعُوا كَيْدُ سَاحِرٍ وَلَا يُفْلِحُ السَّاحِرُ حَيْثُ أَتَى
70 پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون. فَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ هَارُونَ وَمُوسَى
71 (فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي. قَالَ آمَنتُمْ لَهُ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ إِنَّهُ لَكَبِيرُكُمُ الَّذِي عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَافٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ فِي جُذُوعِ النَّخْلِ وَلَتَعْلَمُنَّ أَيُّنَا أَشَدُّ عَذَابًا وَأَبْقَى
72 چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين. قَالُوا لَن نُّؤْثِرَكَ عَلَى مَا جَاءنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالَّذِي فَطَرَنَا فَاقْضِ مَا أَنتَ قَاضٍ إِنَّمَا تَقْضِي هَذِهِ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
73 بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي. إِنَّا آمَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَايَانَا وَمَا أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ السِّحْرِ وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَى
74 سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو. إِنَّهُ مَن يَأْتِ رَبَّهُ مُجْرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيى
75 ۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن. وَمَنْ يَأْتِهِ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصَّالِحَاتِ فَأُوْلَئِكَ لَهُمُ الدَّرَجَاتُ الْعُلَى
76 سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي. جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَذَلِكَ جَزَاء مَن تَزَكَّى
77 ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ. وَلَقَدْ أَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي فَاضْرِبْ لَهُمْ طَرِيقًا فِي الْبَحْرِ يَبَسًا لَّا تَخَافُ دَرَكًا وَلَا تَخْشَى
78 پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو. فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ بِجُنُودِهِ فَغَشِيَهُم مِّنَ الْيَمِّ مَا غَشِيَهُمْ
79 ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو. وَأَضَلَّ فِرْعَوْنُ قَوْمَهُ وَمَا هَدَى
80 اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون. يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ قَدْ أَنجَيْنَاكُم مِّنْ عَدُوِّكُمْ وَوَاعَدْنَاكُمْ جَانِبَ الطُّورِ الْأَيْمَنَ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكُمُ الْمَنَّ وَالسَّلْوَى
81 (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو. كُلُوا مِن طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ وَلَا تَطْغَوْا فِيهِ فَيَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبِي وَمَن يَحْلِلْ عَلَيْهِ غَضَبِي فَقَدْ هَوَى
82 ۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان. وَإِنِّي لَغَفَّارٌ لِّمَن تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا ثُمَّ اهْتَدَى
83 ۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟ وَمَا أَعْجَلَكَ عَن قَوْمِكَ يَا مُوسَى
84 چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين. قَالَ هُمْ أُولَاء عَلَى أَثَرِي وَعَجِلْتُ إِلَيْكَ رَبِّ لِتَرْضَى
85 (الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو. قَالَ فَإِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِن بَعْدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السَّامِرِيُّ
86 پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ. فَرَجَعَ مُوسَى إِلَى قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا قَالَ يَا قَوْمِ أَلَمْ يَعِدْكُمْ رَبُّكُمْ وَعْدًا حَسَنًا أَفَطَالَ عَلَيْكُمُ الْعَهْدُ أَمْ أَرَدتُّمْ أَن يَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبٌ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَخْلَفْتُم مَّوْعِدِي
87 چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا. قَالُوا مَا أَخْلَفْنَا مَوْعِدَكَ بِمَلْكِنَا وَلَكِنَّا حُمِّلْنَا أَوْزَارًا مِّن زِينَةِ الْقَوْمِ فَقَذَفْنَاهَا فَكَذَلِكَ أَلْقَى السَّامِرِيُّ
88 پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو. فَأَخْرَجَ لَهُمْ عِجْلًا جَسَدًا لَهُ خُوَارٌ فَقَالُوا هَذَا إِلَهُكُمْ وَإِلَهُ مُوسَى فَنَسِيَ
89 نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟ أَفَلَا يَرَوْنَ أَلَّا يَرْجِعُ إِلَيْهِمْ قَوْلًا وَلَا يَمْلِكُ لَهُمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا
90 ۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو. وَلَقَدْ قَالَ لَهُمْ هَارُونُ مِن قَبْلُ يَا قَوْمِ إِنَّمَا فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحْمَنُ فَاتَّبِعُونِي وَأَطِيعُوا أَمْرِي
91 چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي. قَالُوا لَن نَّبْرَحَ عَلَيْهِ عَاكِفِينَ حَتَّى يَرْجِعَ إِلَيْنَا مُوسَى
92 (مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي. قَالَ يَا هَارُونُ مَا مَنَعَكَ إِذْ رَأَيْتَهُمْ ضَلُّوا
93 ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟ أَلَّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيْتَ أَمْرِي
94 (ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي. قَالَ يَا ابْنَ أُمَّ لَا تَأْخُذْ بِلِحْيَتِي وَلَا بِرَأْسِي إِنِّي خَشِيتُ أَن تَقُولَ فَرَّقْتَ بَيْنَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَمْ تَرْقُبْ قَوْلِي
95 (موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي. قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَا سَامِرِيُّ
96 چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو. قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ يَبْصُرُوا بِهِ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِّنْ أَثَرِ الرَّسُولِ فَنَبَذْتُهَا وَكَذَلِكَ سَوَّلَتْ لِي نَفْسِي
97 (موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين. قَالَ فَاذْهَبْ فَإِنَّ لَكَ فِي الْحَيَاةِ أَن تَقُولَ لَا مِسَاسَ وَإِنَّ لَكَ مَوْعِدًا لَّنْ تُخْلَفَهُ وَانظُرْ إِلَى إِلَهِكَ الَّذِي ظَلْتَ عَلَيْهِ عَاكِفًا لَّنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِي الْيَمِّ نَسْفًا
98 اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي. إِنَّمَا إِلَهُكُمُ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيْءٍ عِلْمًا
99 (اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون. كَذَلِكَ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنبَاء مَا قَدْ سَبَقَ وَقَدْ آتَيْنَاكَ مِن لَّدُنَّا ذِكْرًا
100 جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو. مَنْ أَعْرَضَ عَنْهُ فَإِنَّهُ يَحْمِلُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وِزْرًا
101 منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي. خَالِدِينَ فِيهِ وَسَاء لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حِمْلًا
102 جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون. يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ وَنَحْشُرُ الْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍ زُرْقًا
103 (تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ. يَتَخَافَتُونَ بَيْنَهُمْ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا عَشْرًا
104 جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو. نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَقُولُونَ إِذْ يَقُولُ أَمْثَلُهُمْ طَرِيقَةً إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا يَوْمًا
105 ۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو. وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْجِبَالِ فَقُلْ يَنسِفُهَا رَبِّي نَسْفًا
106 پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو. فَيَذَرُهَا قَاعًا صَفْصَفًا
107 منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين. لَا تَرَى فِيهَا عِوَجًا وَلَا أَمْتًا
108 اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين. يَوْمَئِذٍ يَتَّبِعُونَ الدَّاعِيَ لَا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَت الْأَصْوَاتُ لِلرَّحْمَنِ فَلَا تَسْمَعُ إِلَّا هَمْسًا
109 جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي. يَوْمَئِذٍ لَّا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
110 جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا. يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يُحِيطُونَ بِهِ عِلْمًا
111 ۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو. وَعَنَتِ الْوُجُوهُ لِلْحَيِّ الْقَيُّومِ وَقَدْ خَابَ مَنْ حَمَلَ ظُلْمًا
112 ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو. وَمَن يَعْمَلْ مِنَ الصَّالِحَاتِ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا يَخَافُ ظُلْمًا وَلَا هَضْمًا
113 ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري. وَكَذَلِكَ أَنزَلْنَاهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفْنَا فِيهِ مِنَ الْوَعِيدِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ أَوْ يُحْدِثُ لَهُمْ ذِكْرًا
114 پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ. فَتَعَالَى اللَّهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ وَلَا تَعْجَلْ بِالْقُرْآنِ مِن قَبْلِ أَن يُقْضَى إِلَيْكَ وَحْيُهُ وَقُل رَّبِّ زِدْنِي عِلْمًا
115 ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون. وَلَقَدْ عَهِدْنَا إِلَى آدَمَ مِن قَبْلُ فَنَسِيَ وَلَمْ نَجِدْ لَهُ عَزْمًا
116 ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو. وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَى
117 پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو. فَقُلْنَا يَا آدَمُ إِنَّ هَذَا عَدُوٌّ لَّكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقَى
118 بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين. إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَى
119 ۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ. وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَى
120 پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟ فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ الشَّيْطَانُ قَالَ يَا آدَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَى شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَمُلْكٍ لَّا يَبْلَى
121 پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو. فَأَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِن وَرَقِ الْجَنَّةِ وَعَصَى آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَى
122 وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين. ثُمَّ اجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَتَابَ عَلَيْهِ وَهَدَى
123 چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو. قَالَ اهْبِطَا مِنْهَا جَمِيعًا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ فَإِمَّا يَأْتِيَنَّكُم مِّنِّي هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُدَايَ فَلَا يَضِلُّ وَلَا يَشْقَى
124 ۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون. وَمَنْ أَعْرَضَ عَن ذِكْرِي فَإِنَّ لَهُ مَعِيشَةً ضَنكًا وَنَحْشُرُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَعْمَى
125 چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس. قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِي أَعْمَى وَقَدْ كُنتُ بَصِيرًا
126 (الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين. قَالَ كَذَلِكَ أَتَتْكَ آيَاتُنَا فَنَسِيتَهَا وَكَذَلِكَ الْيَوْمَ تُنسَى
127 ۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي. وَكَذَلِكَ نَجْزِي مَنْ أَسْرَفَ وَلَمْ يُؤْمِن بِآيَاتِ رَبِّهِ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبْقَى
128 (ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن. أَفَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّنَ الْقُرُونِ يَمْشُونَ فِي مَسَاكِنِهِمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّأُوْلِي النُّهَى
129 ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا. وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَكَانَ لِزَامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى
130 پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين. فَاصْبِرْ عَلَى مَا يَقُولُونَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوعِ الشَّمْسِ وَقَبْلَ غُرُوبِهَا وَمِنْ آنَاء اللَّيْلِ فَسَبِّحْ وَأَطْرَافَ النَّهَارِ لَعَلَّكَ تَرْضَى
131 ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي. وَلَا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَى مَا مَتَّعْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِّنْهُمْ زَهْرَةَ الْحَيَاةِ الدُّنيَا لِنَفْتِنَهُمْ فِيهِ وَرِزْقُ رَبِّكَ خَيْرٌ وَأَبْقَى
132 ۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي. وَأْمُرْ أَهْلَكَ بِالصَّلَاةِ وَاصْطَبِرْ عَلَيْهَا لَا نَسْأَلُكَ رِزْقًا نَّحْنُ نَرْزُقُكَ وَالْعَاقِبَةُ لِلتَّقْوَى
133 ۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟ وَقَالُوا لَوْلَا يَأْتِينَا بِآيَةٍ مِّن رَّبِّهِ أَوَلَمْ تَأْتِهِم بَيِّنَةُ مَا فِي الصُّحُفِ الْأُولَى
134 ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا. وَلَوْ أَنَّا أَهْلَكْنَاهُم بِعَذَابٍ مِّن قَبْلِهِ لَقَالُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ مِن قَبْلِ أَن نَّذِلَّ وَنَخْزَى
135 (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟ قُلْ كُلٌّ مُّتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصُوا فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ أَصْحَابُ الصِّرَاطِ السَّوِيِّ وَمَنِ اهْتَدَى
;