Al-Ma'un

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 (اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي. أَرَأَيْتَ الَّذِي يُكَذِّبُ بِالدِّينِ
2 پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي. فَذَلِكَ الَّذِي يَدُعُّ الْيَتِيمَ
3 ۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي. وَلَا يَحُضُّ عَلَى طَعَامِ الْمِسْكِينِ
4 پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي. فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّينَ
5 جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن. الَّذِينَ هُمْ عَن صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ
6 اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن. الَّذِينَ هُمْ يُرَاؤُونَ
7 ۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن. وَيَمْنَعُونَ الْمَاعُونَ
;