Al-Fatihah

Change Language
Change Surah
Change Recitation

Sindhi: Taj Mehmood Amroti

Play All
# Translation Ayah
1 الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) بِسْمِ اللهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ
2 سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي. الْحَمْدُ للّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
3 (جو) ٻاجھارو مھربان. الرَّحْمـنِ الرَّحِيمِ
4 قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي). مَالِكِ يَوْمِ الدِّينِ
5 تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا. إِيَّاكَ نَعْبُدُ وإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ
6 اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. اهدِنَــــا الصِّرَاطَ المُستَقِيمَ
7 جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ). صِرَاطَ الَّذِينَ أَنعَمتَ عَلَيهِمْ غَيرِ المَغضُوبِ عَلَيهِمْ وَلاَ الضَّالِّينَ
;